ڪراچي مان گم ڄاڻايل نادرا جي 4 سنڌي آفيسرن جي گرفتاري جي نادرا تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي مان گم ڄاڻايل نادرا جَي ڊپٽي ڊائريڪٽر شنڪر لالواڻي ۽ ملير واسي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر افروز چانڊيو سميت 4 سنڌي آفيسر جِي گرفتاري جِي تصديق، نادرا جو چوڻ آهي ته، چئن آفيسرن کي پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جَي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، سندن خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جِي مدد سان ڪارروايون ڪيون ويون، ڪراچي کانسواءِ سرگوڌا ۽ راولپنڊي مان به نادرا ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو، الزام ثابت ٿيڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي