ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل سارنگ جويو آزاد ٿي گهر پهچي ويو

ڪراچي: ( رپورٽ : رزاق آسي) ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل سارنگ جويو آزاد ٿي گهر پهچي ويو، ڪراچي مان 5 ڏينهن پهريان رياستي ادارن گهر تي چڙهائي ڪري سارنگ جويو جي گهروارن کي تشدد جو نشانو بڻائي کنڀي ويا جنهن بعد سارنگ جويو جي آزادي لاءِ اديب تاج جويو ۽ سندس گهر وارا ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندا رهيا هئا، ان دوران اديب تاج جويو کي صدارتي ايوارڊ لاءِ چونڊيو ويو پر ان وٺڻ کان انڪار ڪيو، اڄ 5 ڏينهن گذرڻ بعد سارنگ جويو کي آزاد ڪيو ويو ۽ هو گهر پهڇي ويو آهي.جڏهن ته ٻئي پاسي سندس والد ناميارو اديب ۽ جبري گم ٿيلن جي بازيابي لاء مسلسل جدوجهد ڪندڙ سائين تاج جويو کي اڄ سومر واري ڏينهن سينيٽ جي انساني حقن واري ڪاميٽي آڏو پيش ٿيڻو آهي.