ڪراچي مان جيئي سنڌ تحريڪ صفدر سرڪي پارٽي جو ڪارڪن سيد مسعود شاهه پنهنجي ساٿي ڪارڪن سان گڏ کنڀجي ويو

ڪراچي ؛ جيئي سنڌ تحريڪ جو ڪارڪن سيد مسعود شاهه پنهنجي ساٿي ڪارڪن شوڪت مرکنڊ سان گڏ ڪراچي مان کنڀجي ويو، جڏهن ته وارث سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن، سيد مسعود شاهه ڪراچي ۾ جئي سنڌ تحريڪ صفدر سرڪي پارٽي سان سلهاڙيل هيو جيڪو ڪراچي ۾ ارشاد رانجهاڻي ڪيس جو مک گواهه پڻ آهي ،