ڪراچي مان ايس يو پي اڳواڻ جا ٻه نوجوان پٽ کنڀجي ويا

ڪراچي (رپورٽ: عبدالرزاق آسي ) ڪراچي مان ايس يو پي اڳواڻ جا ٻه نوجوان پٽ کنڀجي ويا، گذريل آچر واري رات ديرسان ڀٽائي آباد واري علائقي مان سادا ڪپڙا پاتل ماڻهو ايس او پي اڳواڻ عبدالرزاق شر جي گهر ۾ داخل ٿي سندس ٻن پٽن بشير احمد ۽ غلام رسول شر کي کنڀي ويا، واقعي جي حوالي سان عبدالرزاق شر ٻڌايو ته رات جو تقريبن 3 وڳي 25 کان وڌيڪ سادا ڪپڙا پاتل اهلڪار گهر ۾ داخل ٿيا، پهچڻ شرط هنن پڇا ڪئي ته هتي ڪير ڪير رهندو آهي جنهن تي مان چيو ته مان ۽ گهر ڀاتي آهيو، پوءِ هنن اسان سڀني کان موبائل فون کسي پاڻ وٽ رکيا جنهن بعد هنن منهنجي پٽن کي ماءُ جي چادر سان هٿ ٻڌي کين وٺي ويا، پٽن کي کنڀڻ دوران سندن ماءُ جيڪا شگر جي مريض آهي مزاحمت ڪئي ۽ اسان سندن مين روڊ تائين پويان وياسين جتي سندن ٻيون گاڏيون بيٺل هيون، ڊبل ڪيبن گاڏيون ۽ 8 کان 10 موبائلون به هيون، جنهن ۾ سوار ٿي هو هليا ويا، 25 کان 30 ماڻهو گهر ۾ داخل ٿيا ۽ اوترائي ماڻهو ٻاهر به بيٺل هئا. عبدارزاق شر ٻڌايو ته پٽ غلام رسول شر بي ايس نرسنگ جو شاگرد آهي جيڪو شام جو گهر پهچي هڪ ميڊيڪل اسٽور تي ڪم ڪندو آهي جتان کيس پڙهائي لاءِ ڪرائي ڀاڙي جا پئسا ملندا آهن ٻيو ننڍو پٽ بشير انٽر شاگرد ۽ دم جو مريض آهي، هن چيو ته منهجا پٽ معصوم آهن ڪنهن به ڏوهي سرگرمي ۾ ملوث ناهن جيڪڏهن مٿن ڪو الزام آهي ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، ٻئي پاسي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو رات ڀٽائي آباد ڪراچي مان ايس يو پي ڪراچي ڊويزن جي سينئر ڪارڪن عبدالرزاق شر ٻن نوجوان پٽن غلام رسول شر ۽ بشير احمد شر، ڪنڌڪوٽ مان کنڀي گم ڪيل ڪارڪن جاويد مڳريو جي کنڀي گم ڪرڻ جي سخت لفظن م مذمت ڪئي آهي.ايس يو پي نائب صدر اعجاز سامٽيو جو وڌيڪ چوڻ هو ته کنڀيل نوجوان ڪنهن به رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث ناهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هتي ڪنهن به سياسي ۽ سماجي ڪارڪن کي اظهار جي آزاديءَ جو به حق ناهي هن چيو ته ڇا حڪومت ۽ انهن جا ادارا ٻڌائيندا ته سنڌ جي سوين گم ڪيل سياسي سماجي ڪارڪنن جو ڏوھ ڪهڙو آهي جو مهينن کان وٺي هو پنهنجي امڙين ۽ وارثن کان پري ڪيا ويا آهن. جيڪڏهن انهن تي ڪو ڪيس داخل آهي ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ملڪ جون عدالتون ۽ قانون آزاد آهي، هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ آ۽ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل سياسي سماجي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ تحرڪ وٺن ۽ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.