ڪراچي مان اغوا ڪيل دعا منگي هٿ نه آئي، هوٽل ملازم ۽ دعا جا دوست جاچ ۾ شامل

ڪراچي:- ڪراچي مان اغوا ڪيل دعا منگي هٿ نه آئي، هوٽل ملازم ۽ دعا جا دوست جاچ ۾ شامل، واردات ۾ ڦر ٿيل گاڏي استعمال ٿيڻ جا امڪان، مختلف علائقن ۾ ڇاپا، ان ڏس ۾ ڇنڇر جي رات جو 8 کان 9 وڳي ڌاري ڊفينس خيابان بخاري مان اغوا ٿيل ناليواري ليکڪ ۽صحافي اعجاز منگي جي ڀاڻيجي ۽ قانون جي شاگردياڻي دعا ڌيءَ ڊاڪٽر نثار منگي کي پوليس هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي، پوليس ٽيم هوٽل ملازمن توڙي دعا منگي ۽ حارث سومرو جي دوستن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو آهي. پوليس ذريعن موجب دعا ۽ حارث جنهن هوٽل مان چانهه پي نڪتا، هوٽل جي ملازمن، چوڪيدارن ۽ ٻين جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا آهن، هوٽل جي ويٽر پوليس کي ٻڌايو ته دعا ۽ حارث ڪافي عرصي کان هوٽل تي ايندا هئا، ڪجهه ڏينهن کان اهي دير تائين هوٽل ۾ ويهڻ لڳا، سندن رويو بهتر هو، ڪڏهن به ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش ناهي آيو. پوليس ذريعن موجب دعا جي وارثن و جا بيان به رڪارڊ ڪيا آهن، جڏهن ته دعا منگي جي موبائل فون جو رڪارڊ هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس ذريعن موجب واردات واري رات دعا جي ڀيڻ به پنهنجي دوست سان گڏ هوٽل ۾ موجود هئي، دعا ۽ حارث واڪ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتا ته واقعو پيش آيو. پوليس ذريعن موجب دعا جي موبائل رڪارڊ موجب هوءَ آخر تائين حارث سومرو سان رابطي ۾ هئي. پوليس ذريعن موجب دعا منگي جي وارثن لاهور واسي نوجوان مظفر تي اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، مظفر ۽ دعا منگي جي آمريڪا ۾ دوستي ٿي هئي، مظفر شادي لاءِ دعا تي دٻاءُ وجهندو هو، مظفر جي حوالي سان معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي، اهو به ڏٺو پيو وڃي ته مظفر ڪراچي آيو آهي يا نه؟ سندس ڪراچي ۾ موجودگي جي حوالي سان معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي، ان حوالي سان حارث سومرو جو بيان به اهميت اختيار ڪري ويو آهي، سندس بيان بعد صورتحال واضح ٿي ويندي. پوليس ذريعن موجب واردات ۾ جيڪا گاڏي استعمال ٿي آهي، 3 ڏينهن اڳ خالد بن وليد روڊ وٽان اُن ئي رنگ توڙي ڍانچي واري گاڏي هٿيارن جي زور تي ڦر ڪئي وئي هئي. پوليس ذريعن موجب هڪ شهري پوليس کي ٻڌايو آهي ته دعا منگي جي اغوا واردات ۾ استعمال ٿيل گاڏي ۽ کائنس ڦر ٿيل گاڏي هڪجهڙيون آهن. هو سي سي ٽي وي فٽيجز ڏسي پنهنجي گاڏي جي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿو. پوليس ذريعن موجب گاڏي ۾ 5 هٿياربند سوار هئا، هڪ هٿياربند نقاب پهري منهن لڪائي ڇڏيو، شڪ آهي ته اُن کي دعا منگي سڃاڻيندي هوندي گاڏي ۾ 2 جوابدار اڳئين ۽ 3 جوابدار پوئين سيٽ تي ويٺل هئا.هڪ جوابدار وٽ خنجر به هو. جاچ اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته دعا منگي دوست جي سالگرهه جي پارٽي ۾ شرڪت لاءِ آئي هئي ته اغوا ٿي وئي. پوليس ذريعن موجب اغوا ۾ ڀاڙي جا ڏوهاري استعمال ٿيڻ جو امڪان آهي، سمورا هٿياربندن 35 کان 45 سال جي وچ واري عمر جا لڳن ٿا. ٻئي طرف پوليس ذريعن موجب شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا ويا آهن پر ڪاميابي نه ملي سگھي آهي. واضح رهي ته ڇنڇر جي رات خيابان بخاري مان ڪارسوار 5 هٿياربند نوجوان حارث سومرو کي گولي هڻي دعا منگي کي اغوا ڪري ويا هئا