ڪراچي شهر ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 91 ڄڻن ۾ ڊينگي وائرس جي سڃاڻپ

ڪراچي:  ڪراچي شهر ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 91 ڄڻن ۾ ڊينگي وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

ڊينگي جي خاتمي واري سيل موجب ڪراچي ۾ ڊينگي وائرس سبب متاثر هڪ ٻيو شخص فوت ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 91 ماڻهن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 2866 ٿي ويو آهي.

ڊينگي جي روڪٿام واري سيل جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته هلندڙ سال شهر ۾ ڊينگي سبب فوتين جو انگ وڌي 20 ٿي ويو آهي. ياد رهي ته سنڌ ۾ مريضن جو انگ پوئين 2 سالن کان وڌيڪ آهي.