“ڪراچي سنڌ آهي” امن مارچ ۽ سنڌ واسين جو پيغام : ليکڪ عبيدالله ڇڄڻ

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، ايم ڪيو ايم پاران قومي اسيمبليءَ ۾ صوبن جي حدن ۾ ڦير ڦار جو اختيار وفاق کي ڏيڻ بابت آئين جي آرٽيڪل 239 جي شق نمبر 4 ختم ڪرڻ جي حوالي سان پيش ڪيل بل ۽ سنڌ جي ورهاڱي جي لاءِ مسلسل سازشن خلاف 26 آڪٽوبر کان 3 نومبر تائين ڪراچي ۾ “ڪراچي سنڌ آهي، امن مارچ” ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي عمل پيرا ٿيندي مقرر وقت تائين سنڌ جي تحفظ لاءِ ڀرپور نموني مارچ ڪري وطن جي ويرين ۽ دشمنن کي واضح طور پيغام ڏنو ويو آهي ته سنڌ تي ڪنهن به قسم جو وار قبوليو نه ويندو، سنڌ تي جڏهن به اهڙو ڏکيو وقت آيو ته سنڌ جي سچن سپوتن ڪنهن به قرباني کان نه اڳ ڪڏهن ڪيٻايو آهي ۽ نه هاڻي ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ کان پاسو ڪبو. سنڌ سنڌين جو فطري ۽ تاريخي مادر وطن آهي، سنڌ ڪنهن آئين جي شق جي ذريعي وجود ۾ نه آئي هئي، سنڌ جي تحفظ لاءِ اسان پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر جيڪڏهن سنڌ خلاف سازشن جو اهو سلسلو جاري رهيو ته سر ڏيڻ توڙي کڻڻ جي لاءِ به تيار ٿي وينداسين.

هڪ طرف سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جون سازشون ڪندڙ سنڌ دشمن ٽولا سرگرم آهن ته ٻئي طرف سنڌ ۾ وڌندڙ ڌارين جي آبادي سنڌ جي خودمختياري تي حملي جي برابر آهي، سنڌ هاڻ وڌيڪ ڌارين کي برداشت نٿي ڪري سگهي، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ سنڌ مان سنڌي ڪاروباري ماڻهو هتان لڏپلاڻ ڪري ڀارت هليا ويا ۽ موٽ ۾ اتان جا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا، هو پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخوا ۾ نه پر سنڌ ۾ ان ڪري آيا جو کين ٻين علائقن برداشت نه ڪيو، جيڪي هاڻ سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ ٻين شهرن ۾ آباد آهن پر انهن کي سنڌ جي ڏنل محبت ياد نٿي اچي، هنن کي اهو احساس ناهي ته سنڌ کين سڃاڻپ ڏني، روزگار ڏنو، گهر ڏنا ۽ عزت ڏني. ان عرصي دوران سنڌ جي تاريخي عمارتن تي پڻ قبضا ٿيا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين قبضي هيٺ آهن، سنڌ ۾ بنگالي، بهاري ۽ برمي به وڏي تعداد ۾ آباد آهن، جيڪي هاڻ سنڌ جي وسيلن تي پڻ قابض ٿيو ويٺا آهن، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادي نه رڳو سنڌ جي وسيلن کي نقصان پهچايو آهي پر هنن سنڌ جي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب کي پڻ وڏو ڇيهو رسايو آهي. انهن جا ڌرتي ڌڻين سان رويا به درست ناهن. جيڪڏهن سنڌ ۾ ائين ئي سڀني کي پناهه ڏئي آباد ڪيو ويندو ته سنڌ جا ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا، جيڪا ڌرتي ڌڻين خلاف هڪ وڏي سازش پڻ آهي. ان ڪري سنڌ سڄي دنيا جي تڙيلن جو بار نٿي کڻي سگهي. جڏهن به ڪو وڏو آپريشن ٿيندو آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن مان پناهگير وڏي انگ ۾ اچي سنڌ ۾ آباد ڪيا ويندا آهن، جڏهن افغانستان ۾ جنگ جي شروعات ٿي ته اتان جا افغان پناهگير به اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا، جيڪي هاڻ سنڌ ۾ وڏا مالدار ٿي چڪا آهن ۽ سنڌ ۾ دهشتگردي جو سبب به بڻجندا رهيا آهن پر ڌرتي ڌڻي غربت ۽ بدحالي جي ور چڙهيل آهن، جيڪا سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، هتان جا اصلوڪا رهواسي غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن، ڇاڪاڻ جو ان جو اصل ڪارڻ ڌارين جي آبادي آهي.

سنڌ دشمن قوتن پاران جڏهن به سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ٿي آهي ته سنڌ جي ماڻهن ان سازش کي چٽي انداز سان وائکو ڪيو آهي، ان جو ڀرپور جواب به ڏنو آهي ۽ سنڌين پنهنجي روايتي مزاحمت جو مظاهرو به ڪيو آهي، ڇو ته سنڌ ڪنهن به اسيمبلي، ڪنهن به بل ۽ قرارداد جي محتاج ناهي، سنڌ صدين کان سنڌين جو تاريخي وطن رهي آهي، جنهن کي ورهائڻ ۽ ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪندڙ ناڪام ويا آهن ۽ اهي اڳتي به ناڪامين جو منهن ڏسندا رهندا. پي ٽي آءِ سرڪار جي اچڻ کان وٺي مختلف نعرا، اٽڪلون ۽ سازشون جاري آهن ته فارمولا ٺاهي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪيو وڃي، شايد حڪمرانن ۽ انهن جي ڳٺجوڙ ۾ شامل ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي تاريخ ۽ ان جي تحفظ لاءِ هوشو شيدي جهڙن جوڌن جي قربانين بابت ڄاڻ ناهي، هونئن به ايم ڪيو ايم جي من ۾ اسان جي مادرِ وطن جي خلاف زهر ڀريل هوندو آهي، متحده جي باني کي به ان ڪري ئي غدار قرار ڏنو ويو هو، جيڪو اسان جي سنڌ، پوءِ پوري ملڪ ۽ آئيني ادارن جي خلاف نازيبا لفظ استعمال ڪرڻ لڳو هو. مون سنڌ جي نوجوانن کي سڀ کان وڌيڪ جذباتي ٿيندي تڏهن ڏٺو آهي جڏهن به ڪو سنڌ دشمن سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ان ڪري اهو ممڪن ئي ناهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي ماءُ خلاف ٿيندڙ سازش خلاف ڪاوڙ جو اظهار نه ڪن ۽ خاموش ٿي ڪري ويهي رهن.

سنڌ جا ماڻهو پرامن جدوجهد تي يقين رکندڙ آهن، عدم تشدد واري فڪر تحت سنڌ جي قومي بقاءَ واري جنگ وڙهندا رهيا آهن، ترقي پسند پارٽي طرفان ڊاڪٽر قادر مگسي جي سربراهي ۾ “ڪراچي سنڌ آهي، امن مارچ” به ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن مان حڪمرانن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌ خلاف سنڌ جي ماڻهن نه اڳ ڪڏهن ڪا سازش برداشت ڪئي آهي نه هاڻي ڪا اهڙي سازش برداشت ڪئي ويندي، جهڙي طرح ايم ڪيو ايم پهرين ڪراچي کي سنڌ کان ٽوڙڻ لاءِ ان جو قبضو وفاق حوالي ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ۽ جڏهن ان مان کيس ناڪامي ملي ته وري قومي اسيمبلي ۾ صوبن جي حدن ۾ ڦير ڦار جو اختيار وفاق کي ڏيڻ بابت آئين جي آرٽيڪل 239 جي شق نمبر 4 ختم ڪرڻ جي حوالي سان بل پيش ڪيو، پر اهڙيون سازشون ڪندڙ هاڻي ڪَنَ کولي اهو ٻُڌي ڇڏين ۽ اها ڳالهه ذهن نشين ڪن ته ڪراچي سنڌ جو اڻ ٽٽ حصو آهي. ڪراچي ته ان وقت به سنڌ جو حصو هئي جڏهن اڃا پاڪستان ٺهيو به ڪو نه هو، هاڻي به اها سنڌ جي دل آهي ۽ هميشه رهندي. بهرحال، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي دوکو ڏيڻ جي لاءِ جيڪا “ٽرمنالاجي” استعمال ڪئي پئي وڃي ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.