ڪراچي جي گلشن حديد واري علائقي مان 20 ڏينهن اڳ پر اسرار نموني گم ٿيل نوجوان جو لاش هٿ

ڀرياسٽي :-  ڪراچي جي گلشن حديد واري علائقي مان 20 ڏينهن اڳ پر اسرار نموني گم ٿيل ڀرياسٽي واسي نوجوان نصير ميمڻ جو ڇيپا جي سرد خاني مان وارثن کي لاش ھٿ آيو، نوجوان جي وارثن پاران زھر ڏئي قتل ڪرڻ جو شڪ ظاھر ڪيو ويو ان ڏس ۾ ورتل ڄاڻ موجب ڀريا جي ڳوٺ ڪوڙو ميمڻ جو رهواسي 23 ورهين جو نوجوان نصير احمد ميمڻ ولد حمزو خان ميمڻ ڪراچي جي گلش حديد ۾ ڀاڄي جو دڪان هلائي گذر سفر ڪندو هو جنهن پراسرار نموني گم ٿيڻ بعد لاش مليو ان سلسلي مقتول نوجوان جي ڀاءَ نديم علي ميمڻ ٻڌايو ته ڀاءَ 20 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويو جنهن جي مختلف هنڌن تي ڳولا ڪئي جنهن جو ڪوئي پتو نه پيو ، ان دوران اسان اسٽيل ٽائون ٿاڻي ڀاءُ جي ٻن دوستن عارف ۽ ڪاشف بليدي کي کيس گم ڪرڻ جي شڪ ۾ 28 جولائي ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي جيڪو بعد ۾ پوليس گرفتار جوابدارن کي بنا جاچ ڪرڻ جي آزاد ڪري ڇڏيو، هن ٻڌايو ته اسان کي ڪراچي جي سول اسپتال ڀرسان ڇيپا سرد خاني مان 16 ڏينهن پراڻو لاش مليو آهي هن چيو ته اسپتال جي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ جيڪا کين ملي آهي ان موجب نوجوان کي زهر ڏئي ماريو ويو آهي هنن چيو ته ڀاءِ جي عيد جي ٻئي ڏينهن شادي رٿيل هئي اسان سان ظلم ٿيو آهي ان معاملي جي پيرائتي جاچ ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ،