ڪراچي جي ڪيترين ئي سنڌي وسندين مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، بيماريون پکڙجڻ لڳيون، رهواسي پريشان

گڏاپ :- ڪراچي جي پي ايس 99 ۽ اين اي 242 جي سنڌي وسندين مان برساتن ۽ سيوريج جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو گندگي,گدلاڻ ۽ بدبوءِ سبب بيمارين وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي 200 کان وڌيڪ مريض روزانو اسپتالن ڀيڙا ڪيا وڃن ٿا. تفصيل موجب ڪراچي جي پي ايس 99 ايم پي اي حليم عادل شيخ ۽ اين اي 242 جي ايم اين اي صيف الرحمٰن محسود جي تڪ ۾ برساتن ۽ سيوريج لين جي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب لاسي ڳوٺ, ايوب ڳوٺ, نورخان ڳوٺ, وزيرڳوٺ صيفل  ڳوٺ,جونجهار ڳوٺ,گل ڳوٺ, فقيراڳوٺ ۽ ٻين سنڌي وسندين برسات ۽ سيوريج لينن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب گيسٽرو خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي گند ,گندلاڻ,۽ بد بوء سبب پيٽ ,سيني ,ڊائريا,گيسٽرو ,مليريا,ٽائيفيٽ نزله زڪام ,کنگھ ,سلھ, تپ ,ڏڳ جهڙن وبائي مريضن ۾ مبتلا ٿي رهيا آھن معصوم ٻارڙن سميت نوجوان ,پيرسن ,بزگ عورتن کي روزانا سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسپتالن ۾ داخل ڪيو پيووڃي,هوڏانهن برساتن ۽ عيد العضي کان پوء هڪ رپورٽ مطابق صرف ڪراچي چلنڊرن اسپتال ۾ ڊائريا۽ گيسٽرو جا 1100کان وڌيڪ مريض ريڪارڊ ڪيا ويا آھن ۽ روزانو 200کان وڌيڪ مريض سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسپتالن ۾ علاج خاطر داخل ڪيا وڃن هن تڪ مان چونڊيل نمائدن ٻين علائقن لاڙڪاڻو,رتوديرو ,سکر ,گهارو ۽ ڳاڙھو ۾ وڃي ميڊيا جي مخالفن تي تنقيد ڪري فوٽو سيڪشن ڪري اچن ٿا پر هنن کي پنهنجا تڪ ۽ اتان جي عوام تي ڪو ڪهل ئي نه ٿو اچي رهواسين اسد جان ,خالد علي ,مجيب الرحمان ,ميرڪامران خان,مختيارعلي,عمران خان بوزدار,وقارعلي بوزدار۽ ٻين پنهنجي تڪ ايم اي ,ايم اين اي ,منسٽر بلديات ,ڪمشنر ڪراچي ٻين وس وارن اختيارن کان مطالبو ڪيو ته خدارا ڪراچي سنڌي وسندين تي ڪرم جي نگاھ رکو مزڪوره علائقن مان برسات ۽ سيوريج جو پاڻي نيڪال ڪرائي صفائي ڪرايو ۽ ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي علائقن ۾ ڪئمپ لڳرائي مفت علاج ڪرائي قيمتي  انساني جانون بچايو.