ڪراچي جي ڪورنگي ڪراسنگ واري علائقي ۾ 4 ماڙ عمارت ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت

ڪراچي :- ڪراچي جي ڪورنگي ڪراسنگ واري علائقي ۾ 4 ماڙ عمارت ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن، ريسڪيون ذريعن جو چوڻ آهي ته عمارت جي ملبي مان عورتن ۽ ٻارن سوڌو 7 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، 10 کان وڌيڪ زخمين کي ملبي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جون ٽيمون ريسڪيو آپريشن ۾ رُڌل، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته عمارت ڪجهه دير تائين جهُڪڻ لڳي ته ماڻهن ۾ رڙيون پئجي ويون، اُن کانپوءِ عمارت ڌڙام سان ڪري پئي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو چوڻ آهي ته 80 گز جي پلاٽ چائنا ڪٽنگ تحت عمارت تعمير ڪئي وئي هئي