ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي مان جسقم اڳواڻ عابد چانڊيو جو ننڍو ڀاءُ کنڀجي ويو

ڪراچي :  ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي مان جسقم اڳواڻ عابد چانڊيو جي گھر تي رينجرز چڙھائي ڪري سندس غير موجودگي ۾  ننڍي ڀاءُ شاهد کي جبري طور کنڀي گم ڪري ڇڏيو.  جڏهن ته شاهد جي امڙ انور خاتون سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ در خواست ڏني آهي ته سندس نوجوان پٽ کي صبح جو بناجواز کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته نوجوان پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي.