ڪراچي جي ڪريم ڪمپني ۾ موٽر سائيڪل هلائي روزگار ڪندڙ نوجوان ڏوڪري مان کنڀي گم، وارثن جو احتجاج

ڏوڪري :- ڏوڪري ڀرسان باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ محرابپور جتوئي جو رهواسي نوجوان بشير جتوئي  پنهنجي ڳوٺ ٻاهران هوٽل تي ويٺل هو ته ويگو گاڏين ۾ سوار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کنڀي کڻي ويا، ان ڏس ۾ کنڀجي ويل نوجوان جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو نوجوان ڪراچي ۾ ڪريم ڪمپني ۾ موٽر سائيڪل هلائي پنهنجو ۽ پنهنجي گهر ڀاتين جو گذر سفر ڪندو آهي سندس بيگناه کنڀي گم ڪيو ويو آھي، ھنن وزيراعظم عمران خان، سپريم ڪورٽ ۽ وزير اعلي سنڌ کي گهر ڪئي ته اسان جي نوجوان جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪو به واسطو نه آهي ان ڪري سندس فوري طور ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي