ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ گرهوڙ شريف جي گادي نشين جي ڌيءُ ڊاڪٽر ماها شاهه پاڻ تي پستول جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

ڪراچي :- ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ گرهوڙ شريف جي گادي نشين جي ڌيءُ ڊاڪٽر ماها شاهه پاڻ تي پستول جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر ماها جو مٿي ۾ گولي لڳل لاش گهر جي واش روم مان هٿ، پوليس پستول ۽ ڊاڪٽر ماها جو موبائيل فون تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ايس ايس پي ڪلفٽن عمران مرزا چيو آهي ته شروعاتي جاچ موجب ڊاڪٽر ماها والد سان جهيڙي بعد آپگهات ڪيو،هوءَ ڊگهي عرصي کان گهرو پريشانين ۾ به مبتلا هئي، ڊاڪٽر ماها کي مٿي ۾ ويجهي کان گولي لڳي ۽ آرپار ٿي وئي، ڊاڪٽر جي ڀيڻ خوف ۾ پستول لڪائي ڇڏيو ته متان والد به پاڻ کي نقصان پهچائي، آپگهات ۾ نائين ايم ايم پستول استعمال ٿيو ۽ گهرڀاتين موجب هٿيار هُنن جو نه آهي، جاچ ڪئي پئي وڃي ته ڊاڪٽر ماها وٽ پستول ڪيئن آيو ۽ ڪنهن جو آهي؟ ڊاڪٽر جي موبائيل سان جاچ ۾ مدد ملندي، واقعي جو ڪيس والدين جي فرياد تي داخل ڪيو ويندو.