ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي مان گم ٿي ويل مهڪ ڪيسواڻي چار ڏينهن بعد منظرعام تي اچي وئي

ڏهرڪي:- ڏهرڪي جي هندو ناري مهڪ ڪيسواڻي چئن ڏينهن بعد منظر عام تي اچي ويئي آھي جنھنجو وڊيو بيان وائرل ٿيو آھي سندس ناري جو کيس چوڻ آھي ته ڀرچونڊي جي پير ميان جاويد وٽ پهچي اسلام کي  قبول ڪري پنجاب جي شهر رحيم يار خان ۾ محمد عاشر سنگهڙ سان نڪاح ڪرڻ بعد رحيم يار خان جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيوجڏھن ته وڊيو بيان ۾ ناري مهڪ ڪيسواڻي چيو آھي ته مون کي نه ڪنهن ورغلايو آھي نه ئي  ڪنهن قيد ڪيو آھي مان پھنجي مرضي سان اسلام قبول ڪري پيار جو پرڻو ڪيو آھي ھن جو چوڻ آھي تہ منهنجي والدين کي گهرجي ته مون کي هاڻي زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي, ياد رهي ته چار ڏينهن اڳ مهڪ ڪيسواڻي ڌي امر لعل ڪراچي واري گهر مان نڪري وئي هئي جنهن جي اغوا جو ڪيس ڪراچي جي ڊفينس ٿاڻي تي نامعلوم ماڻهون مٿان داخل ڪرايو ويو آھي.