ڪراچي جي پارڪ مان ٽن ڄڻن جا تشدد ٿيل لاش هٿ

ڪراچي :- ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن جي ڀرسان موجود پارڪ مان 3 ڄڻن جا تشدد ٿيل لاش مليا آهن. ريسڪيو ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته ٽنهي ڄڻن جا لاش بختاور پارڪ مان مليا آهن. ذريعن موجب لاش کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ جناح اسپتال اماڻيو ويو آهي. پوليس اختيارين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته بوٽ بسن ۾ پارڪ مان مليل لاش مان 2 جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. پوليس جو ٻڌائڻ آهي ته فوت ٿيلن ۾ مشير افضل ۽ علي حسن شامل آهن، مشير افضل جو اباڻو تعلق مردان جي علائقي  زرين آباد جڏهن ته علي حسن فيصل آباد جي علائقي امين ٽاور جو رهواسي هو. ايس ايس پي انويسٽي گيشن جو چوڻ آهي ته اسان کي پهرين هڪ لاش جو اطلاع مليو هو، سرچ آپريشن ڪرڻ ٿيو ته وڌيڪ 2 لاش هٿ مليا. هن ٻڌايو ته هي ماڻهو پارڪ ۾ ستل هئا، ظاهري طور لڳي ٿو ته ٽنهي جي مٿي تي پٿر يا لوهه جي ڪنهن شئي سان ماريو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ٽئي ڄڻا مختلف علائقن سان تعلق رکن ٿا، فوت ٿيلن ۾ هڪ پالش وارو ۽ ٻيو مستري آهي جڏهن ته ٽئين جي باري ۾ جاچ جاري آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته موت جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي.