ڪراچي جي واپارين سڀاڻي کان ڪاروبار کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف واپاري تنظيمن سڀاڻي کان ڪاروبار کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيوڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تاجر اتحاد جي چيئرمين جميل پراچه چيو آهي ته 28 ڏينهن کان ڪراچي بند آهي ۽ ماڻهو پريشان آهن، ڪراچي کان ڪشمور تائين واپاري بدحال ٿي چڪا آهن، ننڍا واپاري ۽ انهن جا ملازم فاقه ڪشي تي مجبور آهن.هن چيو ته لکين ملازمن کي هڪ مهيني جي مشڪل سان پگهار ڏني آهي، سڀاڻي سمورن حفاظتي انتظامن سان دڪان کولينداسين.جميل پراچه جو چوڻ هو ته ٻيو آپشن اهو آهي ته پنهنجي ڪٽنبن سميت وزيراعليٰ هائوس پهچون ۽ دڪان جون چاٻيون وڏي وزير وٽ جمع ڪرايون، اسان پهريان اعلان ڪيو پر وڏي وزير يا گورنر ڪو به رابطو نه ڪيو تنهن ڪري سموري صورتحال جا ذميوار وڏو وزير ۽ گورنر آهن