ڪراچي جي مختلف ڪمپنين مان سنڌي نوجوان نوڪرين تان فارغ

ڪراچي جي ڪارخانن ۽ ڪمپنين کي کولڻ جي اجازت ملڻ بعد ڪمپنين ۽ ڪارخاني وارن ڪيترن ئي سنڌي نوجوانن کي نوڪرين مان جواب ڏيئي ڇڏيو آھي جنهن سبب سنڌي نوجوان انتهائي پريشان ٿي ويا آھن ٺل جيڪب آباد ۽ ٻين شھرن جي نوجوانن شھمير بلوچ , عدل خان چانڊيو , سهراب علي , عبدالله ڀٽي , عبدالمجيد ۽ ٻين چيو آھي ته اسان مختلف ڪمپنين ۾ ڪم ڪندڙ آھيون لاڪ ڊائون سبب اسان ڪراچي ۾ تمام ڏکيو وقت ڪڍيو جڏهن هاڻي سنڌ حڪومت ڪمپنين کي کولڻ جي  موڪل ڏني آھي ته اسان کي هڪ مهيني جي پگهار ڏيئي فارغ ڪيو پيو وڃي هنن سنڌ حڪومت توڙي قوم پرست اڳواڻن کان گهر ڪئي آھي ته اسان کان روزگار نه کسيو وڃي ۽ ڪارخانن توڙي ڪمپنين وارن کي پاپند ڪيو وڃي ته اهي پراڻن ملازمن کي ڪم سان لڳائن  هوڏانهن ڪراچي جي سنڌي پورهيت نوجوانن اعلان ڪيو ته اهي ڪمپنين ۽ ڪارخانن اڳيان احتجاج پڻ ڪندا