ڪراچي جي لانڍي واري علائقي ۾ جنريٽر جو دونهون ڀرجڻ سبب 4 ڀائر فوت ٿي ويا

ملير :- ڪراچي جي لانڍي واري علائقي ۾ هڪ گهر ۾ ڪمري ۾ جنريٽر جو دونهون ڀرجڻ سبب 4 ڀائر فوت ٿي ويا، ڪراچي جي لانڍي ۾ بابر ڪانٽا جي ويجهو ڪمري ۾ جنريٽر جو دونهون ڀرجڻ سبب 4 سڳا ڀائر فوت ٿي ويا، جن جي سڃاڻپ انور، عثمان، عمر ۽ حمزه جي نالن سان ٿي آهي، پوليس جي شروعاتي جاچ موجب بجلي جي ڊگهي بندش جي ڪري گهر وارا جنريٽر هلائي سمهي پيا، چئني ڀائرن جو موت دونهون ڀرجڻ سبب ساهه ٻوساٽجڻ سبب پيش آيو، ايس ايس پي ملير عرفان بهادر جو چوڻ هو ته وارثن گهر جو در کوليو ته ڪمري ۾ دونهون ڀريل هو ۽ چئني ڀائرن جي وات مان گج نڪري رهي هئي، هُنن ٻڌايو ته ڪمري مان مليل کاڌو فارنزڪ ٽيسٽ لاءِ موڪليو ويو آهي، فوت ٿيل چئني ڀائرن جو تعلق بلوچستان جي ضلعي پشين سان آهي.