ڪراچي جي لانڍي قبرستان ۾ فوت ٿي ويل عورت سان زيادتي

ڪراچي: – ڪراچي جي لانڍي قبرستان ۾ فوت ٿي ويل عورت سان زيادتي جو ھڪ ٻيو افسوس ناڪ واقعيو پيش آيو آھي.لانڍي اسمائيل ڳوٺ قبرستان ۾ قبر جي بيحرمتي ڪري نامعلوم شخص قبر کي کوٽي فوت ٿي ويل عورت سان زيادتي ڪئي، اھڙي واقعي کان پوء فوت ٿي ويل عورت جا وارث ۽ وڏي تعداد ۾ علائقي واسي قبرستان ۾ گڏ ٿي ويا.ان حوالي سان عورت جي ڀاء ٻڌايو تہ منھنجي ڀيڻ فريحه خاتون کي گذريل ڏيھن لانڍي قبرستان ۾ دفن ڪيو ھيو، اڄ صبح منھنجو چاچا صبح جي نماز کان پوء قبرستان پھتو تہ قبر مان ٻہ سلپون لٿل ھيون ۽ ڀيڻ جي جسم مان ڪفن بہ لٿل ھيو.فوت ٿي ويل ڀيڻ جي جسم تي زيادتي جا نشان بہ واضع طور نظر اچي رھيا آھن، پوليس ۽ اعليٰ اختياريون منھنجي فوت ٿي ويل ڀيڻ جي قبر جي بيحرمتي ۽ زيادتي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪن.