ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ٽائون ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ, هڪ ڄڻو قتل

ڪراچي :- ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ٽائون ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو آهي جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.ايڌي ذريعن موجب فائرنگ ۾ مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ محمد جاويد ولد جانم محمد جي نالي سان ٿي آهي. ايڌي ذريعن موجب زخمين ۾ عدنان ۽ محمد عظيم شامل آهن جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي