ڪراچي جي سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ۽ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ زمين جي مالڪي واري معاملي تي ڪاميٽي قائم

ڪراچي :- ڪراچي جي سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ۽ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار، پرنسپال تي مبينا حملي کانپوءِ چيف سيڪريٽري معاملي جي نبيري لاءِ سيڪريٽري سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي ورتي، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته ڪراچي ۾ واقع سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ۽ سنڌ مدرسته اسلام يونيورسٽي جي انتظاميا وچ ۾ زمين جي مالڪي تان شروع ٿيل تڪرار ڪيترن ئي سالن کان نبرجي ناهي سگهيو، جڏهن ته ويڪيشن کان اڳ سنڌ مسلم سائنس ڪاليج جي پرنسپال غزالا ارشد پاران لاڳاپيل ٿاڻي تي درخواست ڏيندي موقف اختيار ڪيو ويو هو ته سنڌ مدرسته اسلام يونيورسٽي جي پرائمري ۽ سيڪنڊري جي استادن ۽ گارڊن سندس آفيس ۾ اچي حملو ڪيو، اهڙي درخواست سيڪريٽري ڪاليجز ڏانهن پڻ اماڻي وئي هئي، تازو ڪاليج ۽ سنڌ مدرسته اسلام يونيورسٽي جا پرائمري ۽ سيڪنڊري سيڪشن کلڻ بعد معاملي کي نبيرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري پاران سيڪريٽري سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ، سيڪريٽري ڪاليجز، ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز ۽ ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪراچي کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي، ڪاميٽي ايس ايم سائنس ڪاليج ۽ سنڌ مدرسته اسلام يونيورسٽي وچ ۾ هلندڙ تڪرار جي قانوني ۽ انتظامي رخن جو جائزو وٺي 2 هفتن ۾ سفارشون ڏيندي، هوڏانهن يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي سيڪريٽري رياض الدين ٻڌايو ته ٻئي سرڪاري ادارا آهن،اهڙي صورت ۾ ايتري ڇڪتاڻ الائي ڇو پئي ڪئي وڃي؟،هن چيوته ايس ايم سائنس ڪاليج وارا چون ٿا ته يونيورسٽي کي هتي پير رکڻ جي به جاٰءِ نه ڏينداسين، جيڪو عمل غلط آهي، انهي لاءِ چيف سيڪريٽري ڪاميٽي جوڙي آهي.