ڪراچي جي ترقي هاڻ وفاقي حڪومت جي ايجنڊا ۾ شامل آهي: وزيراعظم

اسلام آباد :- وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياسي بدانتظامين سبب ڪراچي جون حالتون بدترين ٿيون پر هاڻ شهر جي ترقي وفاقي حڪومت جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. وزيراعظم سان پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي تازي سياسي صورتحال ۽ قانوني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڪراچي ٽرانسفارميشن پيڪيج سميت پارلياماني معاملن تي پڻ ڳالهايو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته سياسي بدانتظامين سبب ڪراچي جون حالتون بدترين هيون، ڪراچي جي ترقي وفاقي حڪومت جي ايجنڊا ۾ شامل آهي ۽ وفاق مسئلن جي حل لاءِ مالي وسيلا فراهم ڪندو، جڏهن ته ٽرانسفارميشن پيڪيج تحت منصوبن تي جلد عمل ضروري آهي. ملاقات دوران ايف اي ٽي ايف بابت قانون سازي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ وزيراعظم قانون سازي جو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. بابر اعواڻ وزيراعظم کي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اجلاس بابت آگاهي ڏني ۽ چيو ته ملڪي سلامتي تي قانون سازي ۾ دير ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ڪراچي لاءِ هڪ هزار 113 ارب رپين جو تاريخي پيڪيج سٺو سنئوڻ آهي، وفاقي حڪومت معاشي حب جي بهتري لاءِ وقتائتو قدم کنيو آهي