ڪراچي جي تباهي جو ذميوار ميئر وسيم اختر قرار، سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي :-  پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪراچي جي صورتحال تي ميئر وسيم اختر جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ(اي سي ايل) ۾ وڌو وڃي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي جي بربادي جو حساب ورتو وڃي. اسان جي ڪنهن به ڳالهه تي توجهه نه پئي ڏني وڃي. شهر جو ڪنهن کي به خيال ناهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته آرمي چيف قمر جاويد باجوه جنگي بنيادن تي ڪراچي جو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، اسان جي آخري اميد هاڻ آرمي چيف جنرل باجوه ۾ آهي. پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٿوري برسات پوي ٿي ته پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويندو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو مري وڃن ٿا، عيد کان پوءِ جانورن جي گند ڪچري کي به کڻڻو هوندو آهي، منهنجي دور ۾ ۽ بعد ۾ به جانورن جي گند جو مسئلو نه هو. ڪالهه جي رپورٽ آهي اڍائي هزار ٻارڙا جناح اسپتال آندا ويا، 2 هزار ٻار سول ۽ 1800 ٻار عباسي شهيد اسپتال آندا ويا جيڪي مختلف بيمارين ۾ ورتل هئا.سندس چوڻ هو ته ميئر ڪراچي وسيم اختر جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي، وسيم اختر جيڪو ڪيو آهي ان تي کيس فرار ٿيڻ جو رستو نه ملڻ گھرجي، موجودا وسيلن ۾ به شهر جو سٺو نظام ٿي سگھي ٿو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته صفائي نه ٿيڻ جي ذميواري ميئر ڪراچي جي آهي، نالن جي صفائي جو ڪم 100 سيڪڙو ميئر ڪراچي جي ذميواري آهي، گند کڻڻ جو 80 سيڪڙو ڪم ميئر ڪراچي جو آهي، ڪيس پوءِ ٺاهيا وڃن اي سي ايل ۾ نالو پهريان وڌو وڃي. پاڪ سرزمين پارٽي سربراهه چيو ته آرمي چيف جيئن سرحدن جو دورو ڪندو آهي خدا جي واسطي ڪراچي جو دورو ڪري، آرمي چيف گھرائيندو ته سڀ اچي ويندا، آرمي چيف جنگي بنيادن تي ڪراچي جو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. هن چيو ته وسيم اختر کي پڪڙيو وڃي ته گھڻو پئسو نڪرندو، مذاق بڻجي وئي آهي ڪو زميواري ناهي کڻي رهيو هر هڪ پنهنجي ذميواري هڪ ٻئي تي وجهي رهيو آهي، وفاق ڪهڙي طريقي سان صفائي جو ڪم وٺي رهيو آهي، وفاق وارا ڪچرو نالي مان کڻي روڊ تي اڇلائي رهيا آهن، شهر کي صاف نه پيو ڪيو وڃي، ڪچرو هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي اڇليو پيو وڃي. پي ايس پي سربراهه چيو ته ڪچرو اڇلائڻ سبب ماڻهو بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن، آئون ڪنهن کي فرياد ڪريان، ٽئي چئي رهيا آهن ته اسان ذميوار نه آهيون، ڇا ڪراچي وارا گڏيل قومن وٽ وڃن؟ ڪرنٽ لڳڻ سبب 46 ڄڻا مري ويا پر وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي فون به ناهي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته وسيم اختر تمام گهڻيون پاڪستان ۽ پرڏيهه ۾ ملڪيتون ٺاهيون  آهن ان کان ان جو به حساب ورتو وڃي ته هن ايترا پئسا ڪٿان آندا.