ڪراچي جي تاريخ ۾ رڪارڊ ٽوڙ برسات، شهر سمنڊ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، ڪنٽينر ۽ گاڏيون لڙهي ويون، مختلف واقعن ۾ 35 ڄڻا فوت

ڪراچي :-  ڪراچي ۾ برسات اڌ صديءَ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، روڊ رستا درياهه بڻجي ويا، ڪنٽينر ۽ گاڏيون لڙهي ويون، مختلف واقعن ۾ 35 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، گلستان جوهر واري علائقي ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب رهائشي اپارٽمينٽ جي ڀت ڪري پئي، ٻارڙن ۽ عورتن سميت 7 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته وڌيڪ ماڻهو دٻيل هئڻ جو خدشو، پوليس، ڪنٽومينٽ بورڊ ۽ ريسڪيو ادارن پاران ملبو هٽائڻ لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن، ڪراچي جي پوليس چيف غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڀتيون ڪرڻ سبب 15 ڄڻا، پاڻي ۾ ٻڏي 4، گهرن جون ڇتيون ڪرڻ سبب 2 ۽ ڪرنٽ لڳڻ ۽ روڊ حادثي ۾ هڪ هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو آهي، هن چيو ته برسات سبب صورتحال ڳنڀير ٿي وئي آهي. هوڏانهن شاهراهه فيصل، ايم اي جناح روڊ ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ٻيڙيون هلڻ لڳيون، پاڻي جي وهڪرن ۾ ڪنٽينر، بسون، ڪارون ۽ موٽرسائيڪلون لڙهي ويون، وسڪاري دوران ڪي اليڪٽرڪ جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي غائب ٿي وئي، جڏهن ته شهر ۾ وسڪاري سبب زندگي مڪمل طور مفلوج ٿي وئي، پاڪ فوج، رينجرز، سنڌ سرڪار ۽ سنڌ پوليس طرفان امدادي ڪارروايون جاري آهن، ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ آرمي فلڊ ايمرجنسي ڪنٽرول سينٽر قائم ڪيو ويو، جڏهن ته گلبرگ، لياقت آباد ۽ نيوڪراچي ۾ ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيا ويا، ٻئي پاسي پاڪ فوج جي جوانن ايم نائن تي بند کي محفوظ ۽ ملير ندي کي لڳل گهري کي بند ڪري ڇڏيو، هوڏانهن ملير، قائد آباد، نيشنل هاءِ وي، لياري، صدر، اولڊ سٽي ايريا، قيوم آباد، ڪورنگي، نارٿ ڪراچي، اورنگي تائون، راشد منهاس روڊ، يونيورسٽي روڊ، حسن اسڪوائر، نمائش، گرو مندر، لانڍي، گلشن حديد، ناظم آباد ۽ ٻيا علائقا پاڻي سان ڀرجي ويا، جڏهن ته انڊ باءِ پاسز به تار ٿي ويون، هوڏانهن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي، مختلف شهرن ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب نينگر سميت 7 ڄڻا فوت ۽ ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٺٽي، نئين ڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري رهي. ٺٽي جي سامونڊي پٽي جي ويهه کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. ڳوٺ اسحاق داندل واسي نينگر اقبال داندل پاڻي جي وهڪري ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، مسلسل ڳولا بعد وارثن لاش هٿ ڪري ورتو. ميرپور ساڪري ۾ تعليمي ادارن سميت مختلف سرڪاري آفيسون پاڻي هيٺ اچي ويون. برسات کانپوءِ سم نالن تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو، جنهن سبب ڪنهن به وقت گهارو پئجي سگهي ٿو. گهوڙا ٻاري ۾ برسات سبب  پاڻي وهڪرن ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو. ڪلوئي ڀرسان  تيز برساتن کانپوءِ ڳوٺ عبدالله احمداڻي ۾ پاڻي بيهجي ويو،  جنهن ڪري رهواسي سخت ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڳوٺاڻن موجب 24 ڪلاڪن کان سندن ڳوٺ پاڻي هيٺ آهي پر ضلعي انتظاميه سندن ڪا به واهر ناهي ڪئي. نوشهري فيروز ۾ وسڪاري جو سلسلو جاري رهيو، جڏهن ته بجلي بند هئڻ ڪري رهواسي پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. شهر جي عرب ڪالوني، سنڌ ڪالوني، مٺياڻي روڊ سميت ٻين هيٺيائين وارن علائقن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري رهواسي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. محرابپور  جي مختلف پاڙن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. پڊعيدن ۾  وسڪاري کانپوءِ ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن سبب شهري ڏکيائن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا. ڄام نواز علي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان برسات ٿي، جنهن ڪري پاڻي بيهجي ويو. نواب ولي محمد ۽ ويجهڙائي وارن علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي. ڳوٺ بچو  راهو ۾ وسڪاري سبب پنجن پورهين جا گهر پت پئجي ويا. متاثر ڳوٺاڻا محمد علي راهو، محرم، الله بخش، زاهد ۽ سردار حسين اجها ڪرڻ سبب مينهن ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. دوداپور شهر سميت مختلف علائقن ۾ ٽي ڏينهن به برسات جاري رهي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. گڊو ۽ ويجهڙائي وارن علائقن ۾ برسات بعد پاڻي بيهجي ويو ۽ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. سيوهڻ شهر ۽ آس پاس ۾ به وسڪارو جاري ٿيو، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل کي پڻ پاڪاري ڌڪ رسيو آهي. ٽَلٽي، خان محمد گاڏهي، وڏيرو پيرل هاليپوٽي ۾ ڪيترن ئي پورهيتن جا اجها پٽ ٿي ويا، جڏهن ته ڇنڊڻ موري وٽ پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو. ٺارو شاهه ۽ ڀرپاسي جي شهرن مڃٺ، درٻيلي، ڀورٽي ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو. لڳاتار برسات پوڻ جي نتيجي ۾ رستن تي پاڻي بيهجي ويو آهي، جڏهن ته ڪاروهنوار توڙي مواصلاتي نظام ڊانوانڊول ٿي ويو. ٺل ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان هلندڙ وسڪاري سبب مواصلاتي نظام ڊاونڊول ٿي ويو آهي، جڏهن ته پاڻي هيٺيانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿي ويو. فريد آباد توڙي ويجهڙائي وارن ڳوٺن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي. مسلسل وسڪاري جي نتيجي ۾  شهري پناهه خاصخيلي جي ڀت ڪري پئي، جڏهن ته پورهيت ضمير چانڊئي جي گهر پٽ پئجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ڀاتي معجزاڻي طور بچي ويا. مديجي، ڊکڻ، ڳاهيجا، تور بند، مرزاپور ۽ ڀرپاسي ۾ مسلسل برسات پوڻ سبب بجلي غائب ٿي وئي آهي، جڏهن ته شاهي بازار، اسٽيشن روڊ، لب مهراڻ سميت مختلف هنڌ تي ٻه فوٽ پاڻي بيهجي ويو آهي. انتظاميه پاران پاڻي نيڪال جو جوڳو بندو بست نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ برساتي پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ پڻ داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب شهري پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪنري ڀرسان برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو. ڳوٺ حاجي ابراهيم  ميمڻ ۾ بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ  سبب نوجوان دمشاد علي ماڇي فوت ٿي ويوهوڏانهن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات کانپوءِ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. حيدرآباد، ميرپور خاص، بدين، ٺٽي، سجاول جي ڪيترن ئي ڪالونين ۾ پاڻي بيٺل آهي. حيدرآباد جي قاسم آباد، لطيف آباد، مهراڻ ڪالوني ۾ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ميرپور خاص جي هير آباد، ڪريم آباد ۽ ليبر ڪالوني ۾ به ساڳئي صورتحال آهي، جتي پاڻي مڪمل طور تي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. بدين جي به مختلف پاڙن ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شهري پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٽنڊي جان محمد ۾ وسڪاري انتظاميه جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن،   قيصر ڪالوني، مير خدا بخش ڪالوني، جڻيجا ڪالوني، ڳوٺ گيلپور ، خان محمد ڪلوڻي سميت ڪيترائي علائقي برساتي پاڻي جي گهيري ۾ آهن. جاتي، ڪنري، چمبڙ، ماتلي، محرابپور ۽ سجاول جوڻيجي ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري علائقي واسي ڏکيائن کي منهن ڏيندا رهيا. ٻئي طرف قمبر ڀرسان وڄ ڪرڻ سبب ٽي نوجوان فوت ۽  ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ مهرو چانڊيو ۾ وڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ گهر ٻاهران بيٺل نعيم چانڊيو، وسيم ۽ امتياز چانڊيو فوت ٿي ويا آهن، جڏ هن ته ڇهه کان وڌيڪ ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو, سوڀديري ڀرسان پڻ وڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ نينگر فوت ٿي ويو. ڳوٺ ڪمال لاشاري ۾ گهر کنوڻ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ستن ورهين جو نينگر بابل لاشاري فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ٻڪري پڻ مري وئي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪٿي تيز ۽ هلڪي برسات جو سلسلو سڀاڻي تائين جاري رهندو