ڪراچي جهاز حادثي جا ذميوار پائليٽ ۽ ايئرٽريفڪ ڪنٽرولر قرار، رپورٽ وزيراعظم حوالي

ڪراچي :- ڪراچيءَ ۾ پي آءِ اي جو مسافر جهاز تباهه ٿيڻ جا ذميوار پائليٽ ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول قرار، شروعاتي رپورٽ وزيراعظم  حوالي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن به واقعي جا برابر ذميوار آهن،  حادثا روڪڻ لاءِ ٻنهي ادارن جو طريقيڪار به ناڪام آهي، هوا بازي واري وزير غلام سرور خان طرفان ڪراچي جهاز حادثي سميت 10 سالن ۾ ٿيل حادثن جون رپورٽون اربع تي قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان – پي آءِ اي جهاز حادثي جي جاچ رپورٽ ۾ پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. ڪراچي جي ماڊل ڪالوني ۾ ڪري تباهه ٿيل پي آءِ اي جي جهاز جي عبوري جاچ رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، جنهن کي ايئر ڪرافٽ ايڪسيڊينٽ انويسٽيگيشن بورڊ جي صدر هوابازي واري وزير حوالي ڪئي. ذريعن موجب رپورٽ ۾ قومي ايئر لائن ۽ سول ايوي ايشن کي حادثي جو ذميوار قرار ڏنو ويو ۽ حادثن کان بچڻ لاءِ پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي طريقيڪار کي ناڪام قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ جهاز جي ڪاڪ پٽ ڪريو ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر به حادثي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. عبوري جاچ رپروٽ ۾ جهاز جي ڊيٽا فلائٽ رڪارڊر، ڪاڪ پٽ وائس رڪارڊر مان ملندڙ ڄاڻ، لاهور کان ڪراچيءَ اڏام جو ائير ٽريفڪ ڪنٽرول مان حاصل رڪارڊ به شامل آهي. رپورٽ ۾ چيوويو ته لينڊنگ وقت جهاز جي ڪاڪ پٽ ڪريو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر جي هدايتن کي نظرانداز ڪيو ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر به پنهنجي هدايتن تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو. حادثي جو شڪار جهاز جي اوزارن ۽ سسمٽز جي جاچ جو ڪم جاري آهي