ڪراچي تي قبضو ڪٺ پتلي حڪومت جي ڀُل آهي: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاق کي ڪراچي تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، اها ڪٺ پتلي حڪومت جي ڀُل آهي ته سنڌ جي قيادت کي جيل ۾ وجهي ڪراچي تي قبضو ڪندي.لاڙڪاڻي ۾ ريلي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي اڳ به ايوب خان يحيٰ خان، ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف جي آمريت جو مقابلو ڪيو، مان لاڙڪاڻي ۽ ملڪي عوام جي ويڙهه قومي اسيمبلي ۾ وڙهي رهيو آهيان، ان سليڪٽڊ ۽ ڪٺ پتلي حڪومت جو مقابلو ڪري رهيو آهيان، جنهن غريب عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، هن غريب دشمن حڪومت ملڪ جي غريب عوام جو معاشي قتل ڪيو آهي.هن چيو ته حڪومت عام ماڻهو کي مهانگائي جي سونامي ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي، سفيد پوش طبقي ۽ ننڍن واپارين کي ٽيڪسن جي طوفان ۾ ڌِڪي ڇڏيو آهي، انهن جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڪٺ پتلي حڪومت ايندي آهي ته عوام خوش ناهي رهي سگهندو، اها هر وقت پنهنجي سليڪٽرن کي خوش ڪرڻ ۾ رُڌل هوندي آهي، انهن کي عوام جي ڏُک ۽ تڪليف جو ڪو احساس ناهي هوندو.سندس چوڻ هو ته عمران خان عام چونڊن کان اڳ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر حڪومت هڪ ئي سال ۾ ڪروڙين ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو، 50 لک گهر ٺاهي ڏيڻ جو واعدو ڪندڙن هڪ گهر نه ٺاهيو، هن نااهل ۽ ڪوڙي حڪومت گهر ٺاهڻ ته پري جي ڳالهه پر اسلام آباد کان ڪراچي تائين حددخلين خلاف آپريشن جي نالي تي غريبن کان اجها ۽ دڪان کسي ڇڏيا، حقيقت ۾ هيءَ نااهل حڪومت آهي، جيڪا غريب عوام جو رت چوسي رهي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي جيڪو سنڌ جو ڪوه نور آهي، هيءَ ڪٺ پتلي حڪومت، ان جا سهولتڪار ۽ اتحادي ان تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، ان کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ چاهين ٿا پر وفاق کي ڪراچي تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، اها ڪٺ پُتلي حڪومت جي ڀُل آهي ته اها سنڌ جي قيادت کي جيل ۾ وجهي ڪراچي تي قبضو ڪري وٺندي.هن وڌيڪ چيو ته 17 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي جي عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اهي مون سان گڏ آهن يا ڪٺ پتلي ۽ سنڌ حڪومت سان گڏ آهن.پ پ چيئرمين ريلي دوران هڪ ڀيرو ٻيهر ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو هنيو.