ڪراچيءَ ۾ 3 ڏينهن بک هڙتال جو اعلان، انصاف نه مليو ته هڙتال جو سڏ ڏينداسين: قادر مگسي

حيدرآباد:- سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي پاران سنڌ جي نياڻي ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جي ڪيس ۾ انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ پريس ڪلب سامهون 3 ڏينهن 27 کان 29 ڊسمبر تائين علامتي بک هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ايس ٽي پي سنڌ ڄائي ڊاڪٽر نمرتا جي قاتلن جي گرفتاري، نمرتا جي خون سان عدالتي انصاف ۽ وي سي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو کي هٽائڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ڪيل 3 ڏينهن جي بک هڙتالي ڪيمپ تي ڪالهه بک هڙتال جي آخري ڏينهن تي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پهتو، جتي هن خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر نمرتا واقعا کي هٿ وٺي اينگهايو پيو وڃي، گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان جوڊيشل رپورٽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ٽيبل تي پيل آهي پر ان کي ظاهر نه پيو ڪيو وڃي، هن چيو ته ڊاڪٽر نمرتا قتل واقعي جي جاچ رپورٽ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ هر شهري سميت مقتولا جي وارثن جو بنيادي حق آهي، هن چيو ته ڊاڪٽر نمرتا واقعي جي صحيح معنيٰ ۾ جاچ ئي نه ٿي آهي، لاهور جي معصوم زينب قتل ڪيس ۾ 19 هزار ماڻهن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي اصل جوابدار تائين پهچي سگهجي ٿو ته پوءِ ڊاڪٽر نمرتا ڪيس ۾ جوابدارن  تائين پهچڻ لاءِ اهڙا قدم ڇو نٿا کنيا وڃن، هن چيو ته ڊاڪٽر نمرتا جي جسم مان مرداڻا جزا پڻ مليا پر ان باوجود شاهديون مٽايون ويون جنهن مان لڳي ٿو ته ڊاڪٽر نمرتا سان جنسي ڏاڍائي پڻ ٿي آهي، ۽ لاهور فرانزڪ ليبارٽري موجب نمرتا جي ڳچي مان هٿ آيل رئو ۽ فنگر پرنٽس دير سان موڪلڻ سبب اهي ثبوت ڪم جا نه رهيا، جنهن مان لڳي ٿو ته هٿ وٺي نمرتا ڪيس کي لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ بااثر ڌريون ملوث آهن، هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پيش ايندڙ جنسي زيادتين جي واقعن تي ڳالهائيندي چيو ته يونيورسٽي اندر استادن جي روپ ۾ بگهڙ ويٺل آهن، جيڪي ڪرپشن ڪرڻ ۽ پنهنجي جنسي حوس پوري ڪرڻ لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، هن چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اهڙو ماحول هاڻ هلڻ نه ڏنو ويندو، انهن بگهڙن کي تعليمي ادارن مان ٻاهر ڪڍي تعليم دوست ۽ انسان دوست استاد ۽ عملو مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ڊاڪٽر نمرتا جي خون سان انصاف ٿيڻ تائين خاموش نه ويهبو 27 ، 28، 29، ڊسمبر تي ڪراچي ۾ 3 ڏينهن واري بک هڙتال شروع ڪئي ويندي ان باوجود انصاف نه مليو ته پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن، شٽربند هڙتال ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.ان موقعي تي عبدالحميد ميمڻ، الطاف جسڪاڻي، هوت خان گاڏهي، نصرت چنا، غلام سرور بليدي، اشو ٿاما، محمد خان ابڙو ۽ ٻيا پڻ موجود هيا.