ڪراچيءَ بابت آئيني آپشن جو مقصد گورنر راڄ ناهي: اٽارني جنرل

اسلام آباد :- اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ ۽ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ غور هيٺ ناهي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ سندس بيان جو غلط مطلب ڪڍيو ويو آهي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪندي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران سندس آئيني آپشن بابت بيان جو غلط مطلب ڪڍيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته آئيني آپشن جو مطلب گورنر راڄ يا ڪو ٻيو آپشن ناهي، ڪراچي بابت ايڊوائزري ڪميٽي جوڙي وئي آهي اهو به هڪ آئيني آپشن آهي. اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته وفاق چاهي ٿو ته ڪراچي ۾ اڻ ڌريو ايڊمنسٽريٽر ۽ ايڊوائزري ڪميٽي گڏجي ڪم ڪن، سنڌ جي وڏي وزير کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته آئين کان هٽي ڪري ڪو به قدم نه کنيو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ ۽ آرٽيڪل 149 غور هيٺ ناهي، ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت جا ادارا مدد ڪندا