ڪجهه به ٿي پوي، اين آر او نه ڏيندس: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد :  اپوزيشن سان رابطن ۽ ڊيڊلائين ختم ٿيڻ کانپوءِ واري صورتحال تي ويچار لاءِ حڪومتي ڪميٽي جو به اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ اين آر او نه ڏيندو. وزيراعظم عمران خان سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ آزادي مارچ ۽ اپوزيشن تي نالو وٺڻ کانسواءِ تنقيد ڪئي. بيان ۾ وزيراعظم جو چوڻ هو ته هي ماڻهو سندس واتان 3 لفظ ٻڌڻ گهرن ٿا، پر کين ڪڏهن به اين آر او نه ڏيندو. هُن چيو ته هنن جو احتساب ٿيڻ کانسواءِ ملڪ ترقيءَ جي دڳ تي نه هلندو.
حڪومتي ڪميٽي جو اجلاسٻئي پاسي حڪومت طرفان اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ جُڙيل ڊائلاگ ڪميٽي جي سربراهه پرويز خٽڪ اڄ اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، ڪميٽي جي اجلاس ۾ آزادي مارچ ۽ مولانا فضل الرحمان طرفان ڏنل ڊيڊلائين پوري ٿيڻ کانپوءِ واري صورتحال تي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته ذريعن موجب اپوزيشن سان رابطن جي حوالي سان پڻ حڪمت عملي طئه ڪئي ويندي.