ڪامياب نوجوان پروگرام تحت رقم وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد :- وزير اعظم عمران خان ڪامياب نوجوان پروگرام تحت رقم وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هاڻي نوجوان پروگرام تحت 50 لک بدران اڍائي ڪروڙ رپين تائين رقم ڏني ويندي. وزير اعظم عمران خان سان ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ ۽ خاص معاون عثمان ڊار جي ملاقات دوران نوجوانن کي ڪاروبار ۾ وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزير اعظم عمران خان ڪامياب نوجوان تحت ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ ملندڙ رقم ۾ اڍائي ڪروڙ رپين تائين واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزير اعظم عمران خان چيو ته ڪامياب نوجوان پروگرام تحت رقم واجب ادا انٽرسٽ ريٽ به 8 سيڪڙو کان گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.