ڪامريڊ فوزيا سينگار! سرخ سلام… اعجاز منگي

ڪير ٿو چوي ته ”انقلابي محبت مري وئي آهي“

ڪير ٿو چوي ته اهي ڪتاب ڪوڙا هئا

اهي ڪتاب جن ۾ محبتن جا سچا داستان

ادبي رمز سان لکيا ويندا هئا

اهي ڪتاب جن کي پڙهي

اداس راتيون مسڪرائينديون هيون

۽ اڌ رات جو آزاد ٿيل هوائون

ايئن ڳائينديون هيون

جيئن فوزيا سينگار ڳائي رهي آهي

اڄ چين جي ”يانگ مو“ ستارن مان مسڪرائي ٿي

اها يانگ مو جنهن ”نوجوانن جو گيت“ لکيو هو

ڪير ٿو چوي ته ”جيئن لڪ لڳي تيئن رڪ ٿيا“

جهڙو ناول نڪولائي استرووسڪيءَ جو وهم هو

اڄ به پاويل پهري هيٺ آهي ۽ اڄ به ٽونيا

هن جي لاءِ سڏڪن جا سنگيت سرجي رهي آ

ڪير ٿو چوي ته ميڪسم گورڪيءَ جو ناول

امرت جهڙو ناول ”ماءُ“ مري ويو آهي.

ڏسو…….

ڏسو……

ڏسو…..

سنڌ جي انقلابي هيروئن ڪامريڊ فوزيا

پنهنجي محبوب جيون ساٿيءَ جي آزاديءَ لاءِ

مٿي جي پوتيءَ کي پرچم بڻائي چڪي آهي

۽ احتجاج ۾ هن جو کير پياڪ ٻار به شامل آهي

ڪير ٿو چوي ته ”انقلابي محبت مري وئي آهي“

شيخ اياز آخري ايامن ۾ لکيو هو:

”اڃان محبت مئي نه آهي

سڳو به آهي، سئي به آهي

اڃان به ياري ڪشيده ڪاري

نئين اڻت جيئن پيار آهي

گناه گارو ايئن نه سمجهو ته

هيل پرهيزگار آهي……..“