ڪامريڊ غلام حسين شر:نئين سنڌ جو جاکوڙي ڪردار

اڄ جي جديد سنڌ،جنهن ۾ اسان کي وطن پرستي ، روشن خيالي ۽ عورتن توڙي اقليتن جي آزاديءَ واري جيڪا روشني نظر اچي ٿي۔ان ۾ اڻويھه سئو سٺ، ستر ۽ اسيءَ جي ڏهاڪي جي جن جاکوڙي ڪردارن پنهنجو خون تيل وانگي ٻاريو۔ڪامريڊ غلام حسين شر به انهن منجهان هڪ هو. پاڪستان کانپوءِ وارن ڏهاڙن ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ، سائين جي ايم سيد ، رسول بخش پليجي ، قاضي فيض محمد ، سيد باقر شاھه ۽ حفيظ قريشي جهڙن عظيم ڪردارن جڏهن سنڌ ۾ قومي ۽ طبقاتي سجاڳي واري تحريڪ هلائي تڏهن ان تحريڪ کي سندن ئي شاگردن پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ هڪ مورچي جي شڪل ڏئي اڳتي وڌايو۔اڄ اهي مورچا هڪ عظيم ڌارا ۾ تبديل ٿي چڪا آھن، جيڪي اسان کي نئين ۽ روشن خيال سنڌ جي شڪل ۾ نظر اچن ٿا.

ڪجھه سال اڳي ڪراچي ۾ منهنجي ملاقات پنڊيءَ ڄائي انگلينڊ جي هڪ پروفيسر سان ٿي هئي، جيڪو سنڌ ۾ سيڪيولر ۽ روشن خيالي تي تحقيق ڪري رهيو هو۔ هن مون سان ڪچهري کانپوءِ سوال ڪيو ته بلوچ قبيلا عورتن کي آزادي ڏيڻ جا حامي نه هوندا آھن پر خيرپور يونيورسٽيءَ ۾ شر بلوچن جون ڇوڪريون گهڻي تعداد ۾ پڙھن ٿيون ؟  انجو سبب ڪهڙو آھي۔ هن ٻيو سوال ڪيو ته سنڌ ۾ هندو ڇوڪرين جي مذھب مٽائڻ واري مسئلي تي به هندن سان هم آواز ڪافي مسلمان به آھن۔ انجي ڀيٽ ۾ پنجاب اندر عيسائين جي شڪايتن تي مسلمان سندن گهڻي حمايت نٿا ڪن۔ پنڊيءَ ڄائي پروفيسر جي سوالن جي جواب  ۾ مون کيس ٻن شر ڪامريڊن، ڪامريڊ غلام حسين ۽ ڪامريڊ مانڌل جي جدوجهد جي تاريخ ٻڌائي ته هو حيران ٿي ويو هو۔ مون کيس ٻڌايو ته ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌ ۾ عورتن جو واحد جلوس ٺري ميرواھه ۾ هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام حسين شر جي نياڻي ادي گهنوري شر جي اڳواڻي ۾ نڪتو  هو۔ ان جلوس کانپوءِ فوجين ڪامريڊ غلام حسين شر ۽ سندس هڪ ساٿي محرم شر کي گرفتار ڪري مٿن بي پناھه تشدد ڪرڻ کانپوءِ جڏھن کين کڻي ڪيمپ ڏانهن روانا ٿيا ته ڪامريڊ غلام حسين جي امڙ زوار ملوڪان شر ۽ ٻين عورتن فوجي گاڏيءَ کي گهيرو ڪري زوريءَ فوجين کان زخمي ٿيل ڪامريڊ غلام حسين ۽ محرم شر  کي آزاد ڪرايو هو. پروفيسر کي مون ٻڌايو ته اڄ ان ٻڍڙي زوار امڙ ملوڪان جا ٻه پٽ پاڪستان جا ناميارا وڪيل آھن، جن مان هڪ جو نالو شبير شر ۽ ٻئي جو نالو لياقت شر آھي. پنڊيءَ ڄائي ان انگلينڊ جي پروفيسر مونکان پڇيو ته ڇا آءُ ڪامريڊ غلام حسين ۽ انجي  والده ملوڪان سان ملي سگهان ٿو  ؟ ته مون ڪامريڊ غلام حسين  جي فرزند محمد حسين سان رابطو ڪري معلوم ڪيو،جنهن ٻڌايو ته زوار عبدالرزاق جي ملڪا ڏاڏي ملوڪان هن دنيا کي خيرآباد چئي چڪي آھي۔

شرن جي بلوچ ھجڻ بابت پنهنجي لا علميءَ جو اظھار ڪندي ۽ شرن جي ڇوڪرين جي تعليم ۾ اڳري هجڻ جو سبب ڄاڻائيندي مون جڏهن کيس ٻڌايو ته شرن ۾ نياڻين جي تعليم  جو بنياد به ان ئي خاندان وڌو هو ۽ ڪامريڊ غلام حسين شر 1986 ع ۾ پنهنجي ڀيڻ ۽ پنهنجي ڌيءُ کي اعلي تعليم لاءِ ان وقت جي سوويت يونين ۽ هاڻوڪي روس  موڪليو  هو ۽ ڪامريڊ جي ڌيءُ ”شرياڻي ماسڪو ۾“ جي عنوان سان اخبارن ۾ سوويت سفرنامي جون ڊائريون به لکي چڪي آھي۔ ڪامريڊ غلام حسين جي نياڻين پڙھائڻ واري ان ريت ۽ روايت جي ٻين شر بلوچن پوئلڳي ڪئي ۽ اڄ شرن جون نياڻيون تعليم جي ميدان ۾ نهايت گهڻو اڳتي آھن۔ انکانپوءِ پنڊيءَ ڄائي انگلينڊ جي ان پروفيسر کي مون ڪامريڊ مانڌل شر جي جدوجهد جا قصا ٻڌايا ته ھو حيران ٿي ويو ۽ هن مونکي ڪامريڊ مانڌل سان ملاقات جي به تمنا ڏيکاري۔جيڪا به آءُ پوري نه ڪري سگهيس۔ ٺري ميرواھه ۽ فيض گنج تعلقن ۾ اڄ جيڪو نياڻين کي  تعليم ڏيارڻ جو وڌيل رواج آھي، ان جو باني ڪامريڊ غلام حسين شر آھي۔ساڳئي قسم جا ڪردار ڪامريڊ مانڌل شر سميت اهڙن انسانن ادا ڪيا آھن،جيڪي وقت به وقت اسانکي مختلف صورتن ۾ نظر اچن ٿا۔

اڄ ڪامريڊ غلام حسين جي ورسي جو ڏينهن آھي۔ ٻه ٽي  سال اڳ مون جڏهن ڪامريڊ جي ورسي تي هڪ سنڌي اخبار ۾ ڪالم لکيو هو ته پنڊيءَ ڄائي ان پروفيسر اهو ڪالم نيٽ تي پڙھي مونکي فون ڪئي ۽ پڇيو ته ڪامريڊ غلام حسين شر جي  ورسي آھي ؟ مون کيس هائوڪار ڪئي۔ ان کانپوءِ اهو پنڊي ڄائو پروفيسر مونکي هر سال ڪامريڊ غلام حسين جي ورسيءَ تي فون  ڪري پڇندو آھي ته ڪامريڊ جي ورسي آھي يا اوهان کان  وسري وئي آھي ؟ مان کيس شرمساري مان چوندو آھيان ته ورسي به آھي ۽ وسري به ناهي۔ ڪاش اسان کي اهڙا امر ڪردار واقعي به ياد رهن ۽ اسان سندن يادگيرين جا ڏيئا ۽ ڪردارن جا الم سدائين اوچا ۽ روشن رکون.

منظور سولنگي