ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاهي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جو 100 هون جنم ڏينهن; لاڙڪاڻي ۾ سادي تقريب

لاڙڪاڻو:- ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاهي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جو ڪالھ 100 ھون جنم ڏينهن انتھائي سادگيءَ سان ملھايو ويو.ڪورونا وائرس سبب ڪامريڊ سوڀي جي سالگرهه جي ڪا به تقريب نه رٿي وئي. ڪامريڊ سوڀي جي گهر ڀاتين ئي پنهنجي گهر ۾ سالگره جو ڪيڪ ڪٽي سندس سار کي تازو ڪيو. ڪامريڊ سوڀي جي پٽ نرمل، نُنھن ريکا، جڳديش آھوجا ۽ ٻين سالگرہ جو ڪيڪ ڪٽيو. ان موقعي تي ڪامريڊ سوڀي جي تصويرن کي گل پارايا ويا. ان حوالي سان ڳالھائيندي ڪامريڊ سوڀي جي پٽ نرمل گيانچنداڻي چيو ته بابا جو 100 ھون جنم ڏينهن ملھائيندي خوش ٿي رهيا آهيون. ڪورونا وائرس جي وبا نه ھجي ھا ته اڄ وڏي پئماني تي تقريب ڪرايون ھا. هن چيو ته سالگرہ يا ورسي ھجي، بابا کي ڀرپور نموني ياد ڪندا آهيون. بابا جي وڇوڙي کان پوءِ حڪومت ان جو يادگار ٺھرائڻ ۽  سندس ڪتاب ڇپرائڻ جا جيڪي واعدا ڪيا ھئا اھي اڃا تائين پورا نه ڪيا ويا آهن. ھن ٻڌايو ته ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ يادگار جوڙائڻ لاءِ ڳوٺاڻن 18 ھزار اسڪوائر فوٽ زمين مفت ڏني آهي، جنهن لاءِ نقشو لاھور جي ڪامريڊن ٺھرائي ڏنو پر اسان وٽ زمين کي چوديواري ڏيارڻ جي مالي سگھ به نه آهي. ھن چيو ته ڪامريڊ جي حياتيءَ ۾ سندس جيڪي دوست مددگار ھئا لڳي ٿو ھاڻ اھي به پاڻ پَلي ويا آهن. ھوڏانھن ڪامريڊ سوڀي جي نُنھن ريکا ڳالھائيندي چيو ته ڪامريڊ سوڀو سراپا سچ ۽ موھن جو دڙو جو جوڳي ھئو. ھُو گهر ۾ گهڻو وقت پڙھندو رھندو ھو ۽ تمام سادگيءَ سان حياتي گذاريائين. ڪامريڊ سوڀو اسان کي ھر وقت ياد آهي. ڪامريڊ جي سالگره تي خوشي آهي پر گڏوگڏ غم به آهي ته ھو اسان سان گڏ موجود نه آهي.