ڪارونجهر ڪنهن جو آهي؟ : ليکڪ فرحان تنيو

سنڌ ڌرتيءَ جي لڳ ڀڳ 7 هزار ورهيه آڳاٽي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت ڌرتيءَ جي گولي تي ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سرس اهميت ۽ عظمت رکي ٿي، جنهن جو ڪارڻ هن ديس جي رهواسين طرفان هر دور ۾ انسانيت سان اٿاهه محبت ۽ ماڻهپي کي مان ڏيڻ جي منفرد روايت آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ جا پنا اٿلائڻ سان ان ڳالهه جو پتو پوي ٿو ته جيڪڏهن يوناني قوم جي تاريخ اهميت رکي ٿي ته ان ئي يونان جي بادشاهه سڪندر اعظم “اليگزينڊر دي گريٽ” دنيا جي مختلف ملڪن، خطن ۽ کنڊن تي چڙهايون ڪري اڻ ڳڻين انسانن جو قتلام پڻ ڪيو هو. اهڙي ريت جيڪڏهن پاڻ اوڀر کان اولهه ۽ اتر کان ڏکڻ تائين دنيا جي مختلف ملڪن، قومن جي تهذيب ۽ تاريخ جو مطالبو ڪنداسين ته سنڌ جي تهذيب ۽ انسانيت سان پيار جهڙو اجتماعي قومي عمل دنيا جي ٻي ڪنهن به تهذيب جي ڀيٽ ۾ سرس ئي نظر ايندو. سنڌو ماٿريءَ جي عظيم، آڳاٽي ۽ شاهوڪار تهذيب ۽ سنڌي قوم جي اڻ ڳڻين گُڻن جي ڪري ئي هن ديس جي ماڻهن جي اڏايل عظيم تهذيبي اهڃاڻ موهن جي دڙي بابت اڄ آمريڪا کان ويندي آسٽريليا تائين نصابي ڪتابن ۾ “انڊس ويلي سولائيزيشن” جي اوج بابت سبق پڙهايا وڃن ٿا. ان هاڪاري رخ کي سامهون رکندي وري جڏهن ٻئي پاسي نهار ڪجي ٿي ته تهذيب ۽ تاريخ جي دشمن عنصرن هر دور ۾ خاص طور ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ موهن جي دڙي کان ويندي منڇر ڍنڍ ۽ ڪوٽڏيجي جي قلعي کان ويندي ڪارونجهر جبل تائين هر ان شيءَ کي ڊاهڻ، ميسارڻ ۽ ٻين لفظن ۾ سنڌ جي عظيم تهذيبي ماڳن جا سمورا ثبوت ڊاهڻ جي ناپاڪ ڪوشش پئي ڪئي آهي ۽ افسوس وري ان ڳالهه تي وڌيڪ ٿيندو آهي ته “ مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾” وانگر ان ڪڌي، تاريخ ۽ تهذيب دشمن عمل ۾ سنڌي ئي ڀاڱي ڀائيوار پڻ نظر ايندا آهن. فطري سونهن جي مرڪز ٿر ۾ هزارين ورهين کان قائم ڪارونجهر جبل جيڪو ڪنهن شاهڪار کان گهٽ نه آهي، جنهن جي وجود جي نه رڳو تاريخي ۽ تهذيبي پر ڌرمي حوالي سان پڻ تمام گهڻي اهميت آهي ڇاڪاڻ ته ڪارونجهر نه رڳو اربين، کربين رپين جي قيمتي پٿر جو خزانو آهي پر ان جي ڀر ۾ قائم صديون پراڻيون هندو ۽ جين ڌرم جون عبادتگاهون ان جي مذهبي اهميت توڙي افاديت کي پڻ چڱي نموني نروار ڪن ٿيون پر اڄڪلهه جهڙي ريت سنڌ جي ان عظيم فطري سونهن جي شاهڪار يا ائين کڻي چئجي ته قدرت پاران ڏنل تحفي جو وجود بيدرديءَ سان ميساريو پيو وڃي اهڙو عمل تمام گهڻو ڏکوئيندڙ آهي. جيتوڻيڪ 18هين آئيني ترميم کانپوءِ تاريخي ۽ تهذيبي ماڳن جا سمورا اختيار صوبن کي مليل آهن پر تنهن هوندي به بدقسمتيءَ سان اسان هڪ شاهڪار ڪارونجهر جبل کي ڳرين مشينن ذريعي ڪٽي قيمتي پٿر ڍوئڻ وارو عمل پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون. جيتوڻيڪ ڪارونجهر جبل سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جو اهم ماڳ آهي پر تنهن هوندي به ان کي ڪٽيو ۽ قتل ڪيو پيو وڃي، ان ڪڌي عمل ۾ غيرمقامي ٺيڪيدار ملوث آهن پر آڱريون وري به علائقي جي انهن سياستدانن ڏانهن کڄي رهيون آهن جيڪي هن وقت صوبائي حڪومت جي ڪيمپ ۾ ويٺل آهن، جن کي پڻ حسب معمول پنهنجو “ حصو پتي” ملندو رهندو ۽ ائين ڪارونجهر جو عظيم وجود ميساري هزارين ورهيه آڳاٽي تهذيب ۽ تاريخ جي اهميت کي پٺي ڏني ويندي. آئون سمجهان ٿو ته ڪارونجهر رڳو هڪ تهذيبي ماڳ نه پر انگريز سامراج خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪري پنهنجي وڏڙن جي وطن تان سر گهوريندڙ گوريلي روپلي ڪولهيءَ جو روح پڻ آهي، جيڪو هر دور ۾ سنڌي قوم کي امر روپلي ڪولهيءَ جي عظيم مزاحمتي ڪردار جي اڻمٽ نشانن کان واقف ڪندو رهي ٿو. اهڙي شاهڪار جو وجود ميسارڻ رڳو هڪ سازش نه پر گناهه پڻ آهي ڇاڪاڻ ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جا خالق ڪنهن به ڌارئي قوم تي هلان ڪري سندن وسيلن تي قابض ناهن ٿيا پر هن ديس جي دودن، روپلن، هيمون ۽ هوشوءَ پارن پنهنجي ننگن ۽ دنگن جي تحفظ لاءِ سدائين ڌارين حملي آورن جي يلغار خلاف ساهه جي آخري تند تائين وڙهي ان جي حفاظت کي يقيني بڻايو آهي. بهرحال ڪارونجهر جبل جي املهه ملڪيت تي راتاهي خلاف پڻ سنڌ جي شعور بهترين سجاڳيءَ جو ثبوت ضرور ڏنو آهي ۽ هر وقت سنڌ جي تهذيب توڙي تاريخ تي وار ڪندڙ عنصرن کي هڪ واضح پيغام ڏنو آهي ته ڪارونجهر رڳو هڪ جبل نه پر سنڌ ڌرتيءَ جو شاهڪار تهذيبي ماڳ پڻ آهي، جنهن جا مالڪ 5 ڪروڙ سنڌي آهن. ڪارونجهر جبل جي املهه خزاني کي کاٽ هڻندڙ ڌرتيءَ جي دشمن عنصرن خلاف ايڊووڪيٽ غلام مصطفيٰ هڱورجي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هڪ طرح سان ڪارونجهر جي قانوني مالڪي ثابت ڪرڻ لاءِ وک وڌائي ته ٻئي پاسي وري حيدرآباد ۾ سجاڳ سول سوسائٽيءَ جي سڏ تي زبردست احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي وئي. هاءِ ڪورٽ پاران 5 ڊسمبر تي ان معاملي تي سنڌ سرڪار کان جواب طلب ڪيو ويو آهي. عدالتي حڪم ڪارونجهر جي خزاني کي کاٽ هڻندڙ عنصرن کي ڪيتري حد تائين روڪي سگهي ٿو، ان جو پتو ته 5 ڊسمبر کانپوءِ ئي پئجي سگهي ٿو پر پنهنجي تهذيبي ماڳ کي مڪمل تباهي ۽ برباديءَ کان روڪڻ لاءِ سول سوسائٽي کي جدوجهد جاري رکڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ ڀرپور احتجاج راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ ڪرڻ گهرجي ته جيئن سموري دنيا کي خبر پئجي سگهي ته سنڌي قوم رڳو ثقافت ۽ تهذيب جا ڏهاڙا ناهي ملهائيندي پر پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب جي بچاءَ لاءِ عملي ميدان ۾ پڻ ڀرپور نموني پاڻ ملهائيندي آهي ته جيئن ڪنهن به تهذيب دشمن عنصر کي اڏاوتي ڪم جو بهانو بڻائي سندن تهذيبي ماڳ کي ميسارڻ جي جرئت نه ٿي سگهي. ائين به ناهي ته سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ کي ميسارڻ لاءِ اهو ڪو پهريون قدم کنيو ويو آهي پر ماضيءَ ۾ پڻ اهڙيون ڪيتريون ڪوششون ڪيون ويون آهن جن ۾ سنڌ جهڙي مٺڙي نالي کي تبديل ڪرڻ جهڙي سازش پڻ شامل آهي پر سنڌ واسين جي سجاڳيءَ جي نتيجي ۾ ضياءَ جهڙي آمر ان سازش تان هٿ کڻڻ ۾ ئي پنهنجي چڱائي سمجهي هئي، بهرحال ڪارونجهر کي کاٽ هڻڻ وارو عمل هڪ ڀيرو وري سنڌين کي سجاڳ ٿيڻ جو سڏ ڏئي رهيو آهي ۽ هن ڀيري سڀني کي گڏجي ڌرتي ۽ ان جي عظيم تهذيب جي دشمن عنصرن کي سگهارو پيغام ڏيڻ گهرجي ته “ڪارونجهر جبل ڪنهن ڌارئي يا مقامي دلال جو نه پر سنڌي قوم جو عظيم تهذيبي ماڳ آهي جنهن جو وجود ميسارڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي”.