ڪارونجهر جو ڪوڏيو روپلو ڪولھي جي 161هين ورسي تي کيس سرخ سلام

ننگن ۽ دنگن تان نثار ٿيڻ سنڌ ڄاون لاء ڪا نئين ڳالھ نه آھي جنھن به سنڌ ماتا جي ٿڃ پيتي اھي ھمٿ ۽ غيرت سان غيرن سان وڙھندي وڙھندي يا جامي شھادت پي ويا يا غازي بنجي ھن ڌرتي جي سينڌ سنواري ويا.

ڪارونجھر جي ڪور تي رھندڙ روپلو ڪولھي به انھن مرد مٿيرن مان ھڪ آھي جنھن گوري سامراج سان وڙھندي وڙھندي ھن ڌرتي تا نثار ٿي ويو جڏھن گوري سرڪار سڄي سنڌ تي قبضو ڪرڻ لاء ننگر طرف ھلان ڪئي ته اتي ڪاري رنگ جي ڪولھين سان پنگو اڙائڻو پيو ڪولھي ويرا واھ کان وٺي ڪارونجھر جي جبل تائين گڏ ٿي ويا ۽ تقريبن 8000 ويڙھاڪ گڏجي ننگر ۾ ڪارونجھر جبل تي مورچا ٺاھي ويري سان وڙھڻ شروع ڪيائون چون ٿا ته ڪولھين وٽ گليليون ۽ ڪاترون ھيون جنھن سان وڙھندي انگريز کي ٺوٺا چٻائي ڇڏيا ڪولھي اڄ به گلولي ۽ ڪاتر ( ڪاٺي جي ڏنگي ٺھيل )جا ڪاريگر آھن جنھن سان تيز اڏامندڙ پکين جو شڪار ڪري وجھندا آھن.

ڪولھين جي فوج ۾ نه رڳو مرد ھئا پر پارڪري عورتون سي پڻ وڏي ھمت سان وڙھيون ھيون ھنن ڌرتي کي ننگ سمجھي انگريزن کي چيو ته توھان جا پليد پير ھن ڌرتي تي کپڻ نه ڏينداسين.

پليد پير ڪر پري ھي ڌرتي منھنجو نگ آھي.

روپلو ڪولھي ان جا ساٿي ۽ ساٿياڻيون ايتري ته ھمت ۽ بھادري سان وڙھيا جو انگريزن کي وڙھندي وڙھندي تقريبن ٽن سالن تائين ننگر جي مٽي تي پير کوڙڻ نه ڏنائون . چون ٿا ته روپلي ڪولھي کي به ڪنھن غدار دوکي سان ننگر جي ڪنھن تڙ تي گھرائي گرفتار ڪرايو ھو.

تاريخ ڏاڍي بي رحم آھي ان ڪارونجھر جي بھادرن سان انصاف نه آھي ڪيو پر انگريزن جي خلاف وڏي ۾ وڏي ويڙھ ننگر ۾ وڙھي وئي ۽ آخر تائين سندري ۽ گوڏ جي لانگوٽي ۽ مٿي تي ھلڪو پٽڪو ٻڌندڙ ڪولھين انگريز جي آڻ نه مڃي ۽ تقريبن 3000 جانين جو نظرانو مٽي ماءُ کي ڏنائون. چون ٿا ته ننگر ۾ سوڳ جو ڪپڙو جيڪو تيز نيري رنگ ( ڪاري رنگ سان ملندڙ جلندڙ ) ھو سو ملڻ محال ٿي ويو.

تو جي ڳاڙھا جوڙا پاتا

ننگر شھر ۾ “ نيرو “ مھانگو.

روپلي ڪولھي جي شھادت کانپوء ننگر جي ڪولھين جنگ جاري رکي روپوشين ۾ ھوندي انگريزن تي حملا ڪندا رھيا. اڄ به پارڪري ڪولھين جي شادين، ڪانوڙي ۽ ھولي وغيره جي ڏيھاڙن تي لوڪ گيتن ۾ روپلي ڪولھي ۽ ان جي ساٿين جا قصا ڳايا وڃنن ٿا انھن راسوڙن ۽ گيتن ۾ بھادري ھمت، جرئت ۽ غيرت سان گڏ مٽي جي سونھن ۽ محبت سمايل آھي. ڪارونجھر ۾ مرد متيرن جي قتل عام کانپوء چون ٿا ته پارڪري ڪوليھاڻين پنھنجي لباس مان پٺ ڪڍي ڇڏيائون ۽ اڃا تائين ڪافي ڪولھي خاندان پٺ نه آھن پائيندا انهن کي فقط گج ۽ پيٽي پاتل ھوندي آھي ھيٺ پڙو ۽ مٿي تي پوتي پائينديون آھن.

ڪارونجهر جي ڪاري چوٽي روپو ڪولھي اڄ به رھي ٿو

تون ڇا ڄاڻين ٿو گورا ! تنھنجو سورج ڄاڻ لھي ٿو.

سنڌ کي اڄ به ننگر جي نينگرن جي ضرورت آھي جيڪي انگريز جي دلال وڏيري سان جنگ جوٽين ۽ ھن ڌرتي وري ڪو روپو ڪولھي راڄ ڪري.

(محمد علي ابڙو)