ڪاروبار لاءِ رجسٽريشن في معاف: وفاق کان 7 سياحتي ماڳ واپس گهرڻ جو فيصلو

ڪراچي :- سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ نيو سنڌ سيڪريٽريٽ بلڊنگ ۾ ڪابينا جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ 25 ملين ڊالرز جي سيڙپڪاري سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) تحت سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ آلاڻ واري زمين کي ٻيهر سرسبز ڪرڻ ۽ مينگروز جا ٻوٽا لڳائڻ لاءِ سهولت ڏني ويندي. اجلاس ۾ صوبائي وزير، صلاحڪار، قائم مقام چيف سيڪريٽري وسيم احمد ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي ايجنڊي ۾ 12 نڪتا شامل هئا. سنڌ ڪابينا جي ايجنڊي ۾ فشريز رولز 1983 ترميم ڪري قانوني جيٽيز کي رجسٽرڊ ڪرڻ، سنڌ بليو ڪاربن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي شروع ڪرڻ، پي ٽي ڊي سي اثاثن جي صوبن کي منتقلي، ڪاروباري سڌارن ۾ آساني تحت دڪاندارن ۽ ٻين ڪمرشل اسٽيبلشمنٽ کي رجسٽريشن في کان ڇوٽ وٺڻ، ڪابينا جي سب ڪميٽين جون رپورٽون پيش ڪيون ويون. واڌو آئٽمن ۾ موٽر سائيڪل ۾ ٽريڪرز لڳائڻ لاءِ رجسٽريشن ايڪٽ ۾ ترميم، وائيس چانسلر ٽنڊو ڄام خلاف هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بابت غورويچار، اسڪول ايجوڪيشن پاران هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي ۾ ميڊيڪل گرائونڊ تي ٽرانسفر، سنڌ آڪيوپنشنل سيفٽي اينڊ هيلٿ رولز 2019، فوتي ڪوٽا لاءِ اهليت تي نظرثاني شامل هئا. وڏي وزير چيو ته اڄ نئين سال جو پهريون ڪابينا اجلاس آهي. هن چيو ته نئون سال نئين جذبي ۽ محنت سان عوام جي خدمت جو سال آهي. هلندڙ سال غربت جو خاتمو، ماڪڙ جو خاتمو، ترقياتي ڪمن کي مڪمل ڪرڻ، تعليم جي شعبي ۾ وڌيڪ سڌارا آڻڻ جو سال آهي. ٻيلن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته انڊس ۾ 5 لک ايڪڙن تي ڊيلٽا ۾ مينگروز لڳايا ويا آهن. پي پي پي تحت ٻيلي کاتي 2.5 ملين هيڪٽرز تي مينگروز لڳايا ويندا. بليو ڪاربن هڪ اهڙو ڪاربن آهي جيڪو سامونڊي ماحول واري نظام ۾ اسٽور ٿيندو آهي. سامونڊي ماحول وارو نظام يعني مينگروز جا ٻيلا، سامونڊي ڇٻر، لوڻ جي ڌٻڻ ۽ آلاڻ وارا علائقا شامل آهن. ڄاڻايل منصوبي تحت نجي ڀاڱيدار  25 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندا. ڪابينا پرائيويٽ پارٽي سان معاهدو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. سيڪريٽري ٻيلو کاتو رحيم سومرو چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ئي انڊس ڊيلٽا وارن علائقن ۾ آلاڻ واري زمين تي وڏي پيماني تي بحالي جو ذريعو آهي. جنهن تي وڏي وزير چيو ته انهن علائقن ۾ وڻ لڳائڻ بابت فنڊز ۽ فني معاونت نجي شعبي جي ڀائيواري ذريعي ئي ممڪن آهي. هن ٻيلي کاتي کي پي پي پي موڊ تحت ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صوبائي وزير ٻيلو کاتو سيد ناصر حسين شاهه چيو ته هڪ پرائيويٽ فرم اڳواٽ ئي ان حوالي سان پنهنجي دلچسپي ڏيکاري آهي. ان نجي فرم سنڌ بليو ڪاربن انيشي ايٽيو (ايس سي بي آئي) تجويز ڪيو آهي ۽ ٻڌايو ته انهيءَ سان انڊس ڊيلٽا لينڊ جيڪا ٺٽو، سجاول ۽ بدين وارن ضلعن ۾ وهڪرو آهي جا 0.20 کان 0.25 ملين ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تي عملدرآمد ٿي سگهندو. ڄاڻايل منصوبو 60 سالن لاءِ آهي جنهن کي 100 سالن تائين وڌائي سگهجي ٿو. ان منصوبي تي اٽڪل 25 ملين ڊالرز جي لاڳت ايندي. فشريز بابت صوبائي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته بااثر ماڻهن پنهنجيون جيٽيز ٺاهيون آهن. هن چيو ته غير قانوني جيٽيز ٺاهيندڙ سبب انهن تي ڪابه قانوني چيڪ نه آهي. ان غير قانوني جيٽيز ڪارڻ سالانو 4 کان 5 بلين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هن وقت ٽوٽل 33 غير قانوني جيٽيز ڪم ڪري رهيون آهن جنهن ۾ 12 ابراهيم حيدري، 5 ماڙيپور، 6 ٺٽو، بدين، ساڪرو ۽ گهارو ۽ 10 بلوچستان پٽي ۾ آهن. انهن جيٽيز کي مستقل ڪرڻ سان ٻيڙين ۾ مانيٽرنگ سسٽم لڳايو ويندو ته جيئن خبر پوي ته ڪير ڪهڙي ٻيڙي کي آپريٽ ڪري رهيو آهي.  سنڌ ڪابينا جيٽيز کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پي ٽي ڊي سي جا 7 اثاثا سنڌ ۾ آهن جنهن مان پي تي ڊي سي موٽل هاڪس بي، سکر ۾ 32 ڪينال جي زمين، حيدرآباد ۾ 9 ڪينال ايراضي، سياحت سهولت مرڪز ڪراچي، موهن جو دڙو ۾ هوٽل، ٽي آئي سي ٺٽو، ڀنڀور ۾ 6 ڪينال زمين شامل آهن. اهو منصوبو 18هين ترميم تحت سنڌ کي منتقل ٿيڻ گهرجن. سنڌ ڪابينا وفاقي حڪومت کي خط لکي اثاثا سنڌ کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. دڪاندارن جي رجسٽريشن فيس کان ڇوٽ بابت ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪاروباري سڌارن ۾ آساني تحت فيس معاف ڪئي وئي آهي. دڪانن جي رجسٽريشن مفت ۾ آن لائين ذريعي ٿيندي. وڏي وزير چيو ته هاڻي جيڪو به دڪان کوليندو تنهن کي رجسٽريشن فيس ادا نه ڪرڻي پوندي. وڏي وزير سڀني کاتن کي فيڪلٽي وائيز خالي پيل جاين کي وزيراعليٰ هاوس ۾ 15 جنوري تائين جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير چيو ته اوهين جاين جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ته جيئن اسان ڀرتي لاءِ اشتهارات ڏئي سگهون. وڏي وزير چيو ته پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين ميمڻ کي سنڌ حڪومت وائيس چانسلر ٽنڊو ڄام يونيورسٽي لاءِ مقرر ڪيو هو جنهن کي عدالت غير قانوني قرار فيصلو قرار ڏنو آهي ڇوته ڪابينا ان جي واڌ نه ڪئي هئي. سنڌ ڪابينا پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين جي مقرري ۾ توسيع ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ٽرافي هنٽنگ پروٽيڪٽڊ علائقن ۾ نه ٿيندي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪوهستان ۾ جابلو ٻڪرن جي آبادي 26000 آهي جيڪي محفوظ علائقن ۾ رهندا آهن. شڪار انهن جو ٿيندو جيڪي محفوظ علائقن کان ٻاهر رهن ٿا. ڪابينا ان جي منظوري ڏئي ڇڏي. صوبائي ڪابينا سنڌ آڪيوپيشنل سيفٽي اينڊ هيلٿ رولز جي منظوري ڏئي ڇڏي. رولز تحت هر آجر سيفٽي ڪميٽي کي قائم ڪرڻ جو پابند هوندو. اهو قانون انهن تي لاڳو ٿيندو جيڪي پاڻ مزدوري ڪري رهيا هوندا. اهي قانون سڀني اسٽيڪ هولڊرن جي صلاح مشوري کان پوءِ ٺاهيا ويا آهن. انهن پورهيتن ۾ ايگريڪلچر ورڪرز به شامل آهن. سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ فوتي ڪوٽي واري آئٽم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فوتي ڪوٽي جا ٻه قسم آهن. هڪ 2 سيپٽمبر 2002 کان 15 سيپٽمبر 2014 تائين لاءِ 60 ڏينهن اندر درخواست ڏين، ٻيو 16 سيپٽمبر 2014 کان هيل تائين ٻه سالن جي اندر دخواست ڏين. ڪابينا سڀني کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته جڏهن به ڪو ملازم لاڏاڻو ڪري وڃي ته کيس ڪٽنب کي خط لکيو وڃي ته اهي فوتي ڪوٽا حاصل ڪن. جڏهن به ڪنهن جي مقرري جو حڪم ڏيو ته ان ۾ به ”موت جي صورت ۾“ کيس ٻار کي نوڪري ڏيڻ جي ڄاڻ ڏني وڃي. فوتي ڪوٽا اهڙي ملازم جيڪو سروس دوران انتقال ڪري وڃي ان جي ٻار يا زال کي ڏني ويندي آهي.  ان آئٽم کي ملتوي ڪندي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڏني وئي آهي ته هو ان لاءِ وڌيڪ تجويز کڻي اچي. سنڌ حڪومت جرمني جي سهڪار سان 4 ريجنل بلڊ سينٽرز قائم ڪيا آهن جيڪي سکر، ڄامشورو، شهيد بينظيرآباد ۽ ڪراچي ۾ آهن. ڪراچي آر بي سي ۾ 20 هزار گنجائش آهي. انڊس اسپتال ڄامشورو لاءِ درخوات ڪئي آهي جنهن جي گنجائش 20 هزار کان 70 هزار رت جي ٿيلهن رکڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن سان ايندڙ 10 سالن ۾ 8.2 بلين رپين تائين خرچ وڌندا. سنڌ ڪابينا ڪوٽا وڌائڻ جي منظوري ڏيندي انڊس اسپتال کي ان بابت واڌ جي اجازت  ڏئي ڇڏي آهي.