ڪارنهن بهتان: سرحد ۾ سهري هٿان نوجوان ناري قتل، جوابدار فرار

سرحد:-  سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڄام محمد علي لکڻ ۾ مبينا ڪرنهن الزام هيٺ نوجوان ناري 30 ساله  مسمات ضميران زال شبير احمد ماڇي کي سندس سهري مير احمد ماڇي نوجوان پوليس اهلڪار عبدالقدير لکڻ سان مبينا ڪارو ڪري گوليون هڻي ماري ڇڏيو. ناري کي قتل ڪندڙ سهرو فرار ٿي ويو جڏهن ته واقعي واري هنڌ سرحد پوليس پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي گھوٽڪي جي سول اسپتال کڻي وئي جتي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ويو. مبينا ڪارنهن الزام ۾ قتل ٿيل عورت جو جو مڙس سعودي عرب ۾ آهي جنهن رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ليڪن ڪو رابطو ٿي نه شگهيو. آخري اطلاعن موجب قتل جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ۽ ايس ايڇ او سرحد آغآ شمشاد پٺاڻ جو چوڻ هو ته قتل ٿيل عورت جا وارث جڏهن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ ايندا ته انهن جو ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ علائقي جو امن خراب ٿيڻ نه ڏبو.