ڪارساز سانحي کي 12 سال گذرڻ باوجود جاچ مڪمل نه ٿي سگهي

ڪراچي:- ڪراچي ۾ ڪارساز سانحي کي 12 سال گذري ويا. ڏکائيندڙ واقعي ۾ پيپلز پارٽي جا 149 ڪارڪن ۽ جيالا شهيد ٿي ويا.

هر سال هن سانحي جي ياد ۾ مذڪوره ڏينهن تي شهيدن جي ياد تازي ڪئي ويندي آهي. ڪراچي ۾ ڪارساز واري هنڌ شاهراهه فيصل تي هي سانحو ٿيو جيڪو 12 سال گذرڻ جي باوجود وساري نٿو سگهجي. پيپلز پارٽي جا جيالا سموري ملڪ مان اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي ملڪ واپسي تي ان جو استقبال ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي پهتا هئا. 18 آڪٽوبر 2007 تي عوام جو هڪ وڏو سمنڊ شهيد بينظير ڀٽو جي استقبال جي لاءِ موجود هئا.

اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جو قافلو جلسي گاهه طرف وڌي رهيو هو ته ان موقعي تي ڪارڪنن جي خوشي ڏسڻ وچان هئي هر هڪ جو چهرو پنهنجي اڳواڻ کي ڏسي چمڪي رهيو هو. پيپلز پارٽي جو ڪاروان جمهوريت ۽ جانثارن بينظير کي ان وقت رت سان وهنجاريو ويو جڏهن هو ڪارساز پهتا ٺيڪ رات جو 12 لڳي 52 منٽن، 50 سيڪنڊن جي وقفي سان هڪ ٻئي پٺيان 2 ڌماڪا ٿيا ان موقعي تي ٿيندڙ 2 خودڪش حملن ۾ 149 معصوم جانيون ضايع ٿي ويون ۽ 400 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا.

ڪارساز سانحي جي حوالي سان 2 ڪيس داخل ڪيا ويا. ٻئي ايف آءِ آر سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه داخل ڪرائي. اهم ڳالهه اها هئي ته ڌماڪي واري جڳهه کي به ان ئي رات جو ڌوتو ويو هو جنهن سبب ڪيتريون ئي اهم شاهديون ضايع ٿي چڪيون هيون. پوليس مختلف ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو پر پڪا ثبوت نه ملڻ سبب کين آزاد ڪيو ويو.