ڪائي ۽ نئيگ جون قديم ماٿريون

سنڌ ۾ کيرٿر جابلو سلسلي ۾ ڪيتريون ئي خوبصورت ترين ماٿريون آهن جيڪي سياحت جو مرڪز بڻجي سگهن ٿيون. ڪائي ۽ نئيگ ماٿريون به اهڙيون ئي خوبصورت ماٿريون آهن. هي قديم ۽ تاريخي ماٿريون حُسناڪي ۾ موهيندڙ ۽ قدامت ۾ سنڌ جي تهذيب جون امين آهن.

ڪائي ماٿري سيوهڻ شريف کان اٽڪل 35 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آھي. ھن ماٿري ۾ قديم زماني کان قدرتي چشمي جو پاڻي وهندڙ آهي جنهن ڪري کجين ۽ ٻين وڻن جي وڻڪاري جا نظارا لُڀائيندڙ آهن. هن ماٿري ۾ ٻه قديم ماڳ آهن. هڪ بُلي جي بُٺي ۽ قبر وارو ماڳ ۽ ٻيو غارن وارو ماڳ. بُلي جي بُٺي مطلب بلي جي ڀِٽِ يا ڳوٺ.
روايتن موجب بلو کوسو هو ۽ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ڏهاڙن ۾ سرڪش شخص ٿي گذريو آهي ۽ سندس اثر ڪائي کان نئين گاج تائين هو. ماڳ جو جائزو وٺجي ٿو ته تمام قديم وستي آهي جنهن کي پٿرن جو قديم ڪوٽ آيل آهي. بعد ۾ بلي کوسي ان وستي کي پنهنجو مسڪن بڻايو هوندو. قديم آثارن جي کوٽائي ۽ چڪاس سان هن وستيءَ جي قدامت ڪَٿي سگهجي ٿي.بلي جي بٺي کان ٿورو اڳتي ڪائي ماٿريءَ ۾ غارن جا ٻه ماڳ آهن. هت غارون ٻن هنڌن تي آهن. هڪڙيون هيٺ ۽ ٻيون مٿي يا مٿانهين ٽڪري تي آهن.
هيٺ واريون غارون ست آهن جن کي ست گهريون به سڏجي ٿو. تاج صحرائي ڪائي ۾ ٻين ماڳن سان گڏوگڏ هي غارون ڪنجهي جي دور جون ڄاڻائي ٿو پر ڪن ماهرن غارن کي پٿر جي پوئين دور جون ڄاڻايو آهي.

مٿانهين ٽڪريءَ وارين غارن وٽ قديم وستي پڻ آهي جنهن کي پٿرن جو ڪوٽ گهيريل آهي. وستيءَ وٽ سنڌُو تهذيب جو ٺڪراٺو به مليو آهي جيڪو سڄي وستيءَ جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي.هت قدرتي چشمي جي وهڪري وٽ باغ موجود آهي جنهن کي مقامي ماڻهو پنجتن جو باغ سڏين ٿا .هن باغ وٽ چشمي جي وهڪري وٽ چشمي جي پاڻي تي اٽي پيهڻ جي چڪي اڄ به هلي ٿي.منهنجي خيال موجب هيءَ ماڳ آڳاٽي زماني ۾ سيوهڻ کان لاهوت لامڪان يا هنگلاج ڏانهن ويندڙ جوڳين ۽ سنياسين جو ڊاٻي وارو ماڳ آهي جنهن کي بعد ۾ پنجتن جو باغ سڏيو ويو آهي. اڄ به لاهوتي هن رستي سان ويندي هن ماڳ تي ترسندا آهن.

ڪائي کان پوءِ ايندڙ جبلن ۾ نئيگ ماٿري پڻ حسين ترين ماٿري آهي جيڪا نئيگ نَئين جي ڪري نهايت سرسبز آهي. نَئين نئيگ جي ڪري ئي ماٿري ۽ ڳوٺ تي نالو پيل آهي. سڄي ماٿري ۾ پپر ۽ کجين جا وڻ تمام گهڻا آهن.هن ماٿري کي ڀت جبل کان وهي ايندڙ چشمي جو پاڻي سيراب ڪري ٿو. هن چشمي تي ڪائي ماٿري وانگر جانڊھ يا چڪي به آهي جنهن تي مقامي ماڻهو ضرورت مهل اڄ به اٽو پيھن ٿا.نئيگ ۾ وڏي چشمي جي پاڻي کي کوھ سڏين ٿا ۽ ان کي حضرت علي عليه السلام سان منسوب ڪن ٿا. نئيگ ۾ پڻ اهم تاريخي ماڳ آهن.
هڪ لکمير يا لکشمير جي ماڙي، جنهن کي اين جي مجمدار ڪنجهي جي دور جي وستي ڄاڻايو ويو آهي. هي وستي اوچي ٽڪريءَ تي واقع آهي. وستي کي ڪوٽ ڦيريل آهي ۽ سنڌُو تهذيب جو ٺڪراٺو به ملي ٿو.ٻيو ماڳ قمبر علي شاھ جيلاني جي نالي سان مشهور قبرستان آهي. نئيگ جي اتر ۾ هڪ قديم وستي به آهي جنهن کي پڻ ڪوٽ جو گهيرو آهي. هت ٻُڌمت جو ٺُلھ به آهي جيڪو هت ٻُڌ ڌرم جي ماڻهن جي رهائش کي ظاهر ڪري ٿو.
چچنامي ۾ ذڪر ڪيل ٻوڌين جي علائقي ٻُڌيا بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو چوڻ آهي ته اهو سيوهڻ کان شروع ٿئي ٿي ۽ اتر طرف شهدادڪوٽ ڪوٽ تائين ڦهليل هو. نئيگ ماٿري به سيوهڻ شريف کان 45 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي.ان کان سواءِ نئيگ ماٿري ۾ ڊگهين قبرن وارو قبرستان ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو تڪيو پڻ آهي. نئيگ ماٿري ۾ هڪ قبرستان اهڙو به آهي جنهن ۾ قبرن جي تعمير سمن جي دور ڏانهن اشارو ڪري ٿي.بھرحال نئيگ ۽ ڪائي ماٿريون سياحتي حوالي سان به سحر انگيز آهن ته تاريخي حوالي سان به اهم ۽ نهايت ئي قديم آهن.