کپرو ۾ ٻارن کي هٿ آيل مارٽر گولو ڦاٽڻ ڪري چئن سالن جو ٻارڙو ڀوڄو ڪولهي حياتي وڃائي ويٺو

کپرو :- ڳوٺ حسن ھنڱورو ۾ ٻارن کي هٿ آيل مارٽر گولو ڦاٽڻ ڪري چئن سالن جو ٻارڙو ڀوڄو ڪولهي حياتي وڃائي ويٺو، 2 ناريون زخمي ٿي پيون. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ٻارن مارٽر گولو هٿ ڪري چُلهه ۾ وڌو، جنهن سبب ڌماڪو ٿيو، لڳي ٿو ته اُهو گولو جنگ دوران فائر ڪيو ويو پر ڦاٽي نه سگهيو هو، زخمي ناريون اسپتال منتقل ڪيون ويون. واقعي تي علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.