کور واھ ڀرسان تيل ۽ گئس جو وڌيڪ هڪ کوهه هٿ، تيل ۽ گئس جي کوهن جو انگ 15 ٿي ويو،ڪمپنين ۾ ڌاريا ڀرتي

کورواھ :- کور واھ ڀرسان تيل ۽ گئس جو وڌيڪ هڪ کوهه هٿ، تيل ۽ گئس جي کوهن جو انگ 15 ٿي ويو، ڪمپنين ۾ ڌاريا ڀرتي ڪيل، مقامي ماڻهو نظرانداز، ڳوٺ درگاھ ملاحسن ۾ يونائيٽيڊ انرجي آف پاڪستان ڪمپني ھڪ مھيني دوران 5 تيل ۽ گئس جا کوھ ھٿ ڪري ورتا، کوهن جو انگ 15 ٿي ويو، ڪمپني 1988 کان 2020 تائين 15 تيل ۽ گئس جا کوھ دريافت ڪري روزانو ھزارين بيرل تيل گئس ڪڍڻ ۾ رڌل آھي، ڪمپني ڳوٺ ملاحسن کي رائلٽي ۽ بونس مان ڪو به ترقياتي ڪم ۽ ڪا به سهولت نه ڏني، ڪمپني ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جا ماڻھو ڪم ڪن ٿا، ڪمپني خلاف ڳوٺ جي نوجوانن سوشل ميڊيا تي تحريڪ جو پڻ شروع ڪري ڇڏي، ڳوٺ ملاحسن جي ڳوٺاڻن مخدوم نياز، مخدوم غلام رسول ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ جي ڀرپاسي جي علائقي ۾ ھن وقت تائين 15 کوھ آئل ۽ گئس جا موجود آھن، روزانو ھزارين بيرل تيل ۽ گئس ڪڍيو پيو وڃي پر پرڏيهي ڪمپني ڳوٺ ملاحسن ۾ ھڪ به بنيادي سهولت ناهي ڏني، نوڪرين ۾ڌارين کي رکيو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته مذڪوره ڳوٺ کي بنيادي سهولتون فراھم ڪرائي ڳوٺاڻن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ عدالت وينداسين.