کهڙا پوليس هٿان نينگر گرفتار، پيرن ۾ ڏنڀ ڏئي تشدد، زخمن ۾ جيت پئجي ويا

خيرپور :- کهڙا پوليس جون عوام سان زيادتيون وڌي ويون،12 سالن جي نينگر تي سخت تشدد ڪيو ويو، نينگر جي زخمن ۾جيت پئجي ويا.پوليس جي تشدد جو نشانو بڻيل غلام مصطفيٰ لاشاري پنهنجي ڀيڻ روزينا لاشاري سان گڏجي صحافين آڏو دانهيدي ٻڌايو ته کهڙا ٿاڻي جي ايس ايڇ او رفيق سومرو هڪ راشي ۽ ظالم پوليس آفيسر آهي، جنهن محمد علي قتل ڪيس کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته پوليس هن کي هفتو اڳ کنڀي گم ڪري هڪ پرائيويٽ جڳهه تي قائم ٽارچر سيل ۾ رکيو. هن ٻڌايو ته پوليس سخت تشدد ڪري پيرن ۾ لوهي سيخن سان ڏنڀ ڏئي پير ساڙي ڇڏيا ۽ هزارين رپيا رشوت وٺڻ بعد زخمي حالت ۾ گهر ٻاهران  ڦٽو ڪيو ويو. هن چيو ته زخمن ۾ هاڻي جيت پئجي ويا آهن، غربت سبب علاج به ڪرائي نه ٿو سگهان. هن آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي ظلم کان بچايو وڃي ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.