کنڊ اسڪينڊل: عثمان بوزدار جو ڪميشن آڏو بيان رڪارڊ، مراد علي شاهه پاران پيش ٿيڻ کان انڪار

اسلام آباد /ڪراچي :-  پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار شگر انڪوائري ڪميشن ۾ پيش ٿي ويو. ڊي جي ايف آءِ اي واجد ضياءَ جي سربراهي ۾ ملڪ ۾ هاڻوڪي کنڊ جي بحران جي جاچ ڪندڙ ڪميسن اڄ پنجاب جي وڏي وزير کي طلب ڪيو هو. عثمان بوزدار ڪميشن جي سامهون پيش ٿيڻ لاءِ ايف آءِ اي جي هيڊ ڪوارٽر پهتو جتي هن ڪميشن جي سامهون پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. ذريعن موجب واجد ضياءَ جي سربراهي ۾ ڪميشن عثمان بزدار کان انڪوائري ڪئي. ذريعن موجب پنجاب جي وڏي وزير شگر ملز کي ڏنل سبسڊي جي فيصلي جو پس منظر ٻڌايو ۽ خوراڪ کاتي  ۾ آفيسرن جي بدلين بابت به ڪميشن کي آگاهه ڪيو. هوڏانهن سنڌ جَي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شُگر انڪوائري ڪميشن آڏو اڄ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شُگر انڪوائري ڪميشن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي سبسڊي بابت پڇاڳاڇا لاءِ اڄ طلب ڪيو آهي.شوگر انڪوائري ڪميشن طرفان پيش ٿيڻ جو نوٽيس ملڻ بعد ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ ڊي جِي ايف آءِ اي کي جوابي خط لکي ڇڏيو آهي.ايڊو ڪيٽ جنرل سنڌ خط ۾ لکيو آهي ته ڪميشن ٽي آر اوز تحت وڏي وزير کي طلب نٿي ڪري سگهي. ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ خط ۾ لکيو ته ايف آءِ اَي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي طلب ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي .واضح رهي ته شوگر انڪوائري ڪميشن سال 2018، 19 ۽ 2020 دوران پيدا ٿيل کنڊ بحرانن جِي جاچ ڪري رهي آهي،