کنڀي گم ڪيل پروفيسر جي بازيابي لاءِ لاڙڪاڻي ۾ علامتي بک هڙتال

لاڙڪاڻو:- لاڙڪاڻي مان ٻيهر کنڀي گم ڪيل اليمينٽري ڪاليج جي پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو جي آزاديءَ لاءِ وارثن پاران سندس جون تصويرون کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي علي رضا، محمد عرفان، محمد فياض، ارشاد، محمد علي، اياز علي ڪلهوڙو ۽ ٻين دانهيو ته پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو کي گذريل 28 جون تي رات دير سان کنڀي گم ڪيو ويو هو جنهن کي 6 مهينا 14 ڏينهن گذري ويا آهن پر ان جي باوجود کيس آزاد ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي سخت اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هنن وزيراعظم، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، آرمي چيف سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.