کنڀي گم ڪيل پروفيسر انعام ڀٽي جي آزادي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاج

ڪراچي ائيرپورٽ مان کنڀي گم ڪيل مهراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر  انعام ڀٽي جي آزادي لاءِ انساني حقن جي تنظيم، وارثن، ۽ شاگردن پاران حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي وارثن ۽ انساني حقن جي تنظيم جي اڳواڻ امداد چانڊيو چيو ته 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پروفيسر انعام ڀٽي کي ظاهر نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پروفيسر انعام ڀٽي هڪ سٺو تعليمدان آهي ، هن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ ظاهر نه ڪرڻ اها انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي،

هنن وڌيڪ چيو ته رياست اهڙي طرح جيڪڏهن ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ شروع ڪيو ته پوءِ هن ملڪ ۾ انصاف جي اميد نٿي رکي سگهجي، اسين عالمي دنيا جي تنظيمن کان مطالبو ڪيون ٿا ته پروفيسر انعام ڀٽي جي آزادي لاءِ آواز اٿاريو وڃي ۽ جيڪڏهن هن تي ڪو ڪيس داخل آهي ته ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي.