کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي بازيابي لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، بک هڙتالون

سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ گولاڙچي ۾ کنڀي گم ڪيل محفوظ نوتڪاڻي 54 ڏينهن گذرڻ باوجود پتو نه پيو، وارثن ۽ ڪارڪنن پاران احمد راڄو روڊ تي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. اڳواڻن اسماعيل نوتڪاڻي، رحيم پنهور، لال بخش چانڊيو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته محفوظ سنڌي سميت ٻين گم ڪيلن جو ڪو ڏوھ هجي ته کين ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي يا ته کين آزاد ڪيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي پيارن جي خبر به نه آهي ته ڪٿي آهن. هنن سپريم ڪورٽ ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته گم ٿيل ماڻهن جو نوٽيس وٺي کين آزاد ڪرايو وڃي. هوڏانهن فريدآباد ۽ ڄامشورو مان کنڀي گم ڪيل نوجوان ڀائرن رياض ۽ امتياز خاصخيلي جي آزادي لاءِ وائس آف مسنگ پرسن ۽ وارثن پاران راجا مزمل خاصخيلي، ڏاڏو خاصخيلي، صداقت خاصخيلي، عمر خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فريد آباد پريس ڪلب ٻاهران 8 ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي ھنن چيو ته اسانجا نوجوان ٻن مهينن کان لاپتا ڪري گم ڪيا ويا آهن جن جو ڪٿي به ڏس پتو نٿو ملي ، اگر کنڀي گم ڪيل اسان جي پيارن تي ڪي  ڪيس وغيره داخل آھن ته کين ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي. ٻئي طرف گڏاپ جي نئين ڪراچي واري علائقي خميسا ڳوٺ مان ست ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل  سياسي سماجي اڳواڻ اصغر بروهي ۽ سردار ملاڻي جي گرفتاري خلاف اين ڊي پي, سماجي اڳواڻن ,سول سوسائٽي پاران نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر ممتاز بروهي, اصغر بروهي جي معصوم نياڻي ڪومل بروهي, جسقم جي اڳواڻن انور جمالي, عباس جتوئي, فدا رند سماجي اڳواڻ ڪامران خان ,ميرعمران علي بلوچ ,ايف اي آر بلوچ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خميسا ڳوٺ کان ريلي ڪڍي ويئي. هنن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪندي خميسو ڳوٺ جي جي ايم چوڪ تي  مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اصغر بروهي سنڌ پرست ۽ پر امن سياسي سماجي اڳواڻ آھي جنهن لاڪ ڊائون دوران بي روزگار ۽ مسڪين ماڻھن جي مدد ڪئي ۽ گهر گهر پهچي انهن ۾ راشن ورهايو هن چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته ان جو ڏوھ ڪهڙو آھي اگر ان تي ڪو ڪيس وغيره آھي ته هن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. هوڏانهن قمبر ۾ شاگردن سنڌ مان  کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ان موقعي تي سرمد ميراڻي، وقار چولياڻي، زبير ميراڻي ۽ ٻين چيو ته ڪافي وقت کان بي گناهه  قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي هنن چيو ته جيڪڏھن انهن جو ڪو ڏوهه آھي ته انهن مٿان ڪيس داخل ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته مهراڻ ميراڻي، غلام رسول شر، بشير شر سميت سمورن کنڀي گم ڪيلن کي آزاد ڪري وارثن کي پريشانين کان بچايو وڃي. پڊعيدن ۾ گذريل ڏينهن ڪراچي مان 2 شاگرد کنڀجڻ خلاف ڀرپور  احتجاج ڪيو ويو. پڊعيدن فلور مل کان سٽي پريس ڪلب پڊعيدن تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪارڪنن اسد شر، طالب شر، غلام شر، جمع خان شر، سهيل ڊلو ، الطاف انصاري ۽ شر برادري جي عبدالستار شر استاد بخشل شر، عبدالصمد شر ۽ ٻين چيو ته فرسٽ ايئر جي شاگرد غلام رسول شر ۽ انٽر جي شاگرد بشير شر کي بناجواز ڪراچي جي علائقي بختاور ڳوٺ مان سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار کنڀي ويا آهن جيڪي اڃا بازياب نه ٿي سگهيا آھن. اهو اسان سان سراسر ظلم آھي،آخر اسان ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي. ھر اڀرندڙ سج کان اڳ اسان جا ڳڀرو نوجوان بنا ڪنهن ڏوھ جي کنڀي گم ڪيا ٿا وڃن. اسان اعليٰ اختيارين کان ڀرپور مطالبو ٿا ڪيون ته جلد کان جلد غلام رسول شر ۽ بشير شر سميت کنڀيل ماڻھن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي