کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪيو وڃي يا ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي ڪراچي کي ڌار صوبو سوچيندڙ کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: ڪالاڻي

ٽنڊومستي :- ڊرٻ ميهر شاه برسات جي تباهي سبب سڄي سنڌ متاثر ٿي آهي غريب ماروئڙا کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن حڪومت واهر ڪرڻ لاء تيار ناهي اهڙو اظهار جسقم جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڳوٺ مٺو ٿيٻو ۾ پهچي جيئي سنڌ پورھيت سنگت ملير جي جنرل سيڪيٽري رانجھن ٿيٻو جي اوچتي وڇوڙي تي پونيئرن سان تعزيت ۽ جسقم ڊرٻ ميهر شاه جي قومي ڪارڪن ساقي رياض اڄڻ جي وفات تي سندس ڀاء نياز حسين سئوٽ ڪامريڊ نديم اڄڻ  سان تڏي تي  پھچي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برسات سبب ڪيترائي علائقن ۾ ماڻهن جا فصل تباه ٿي چڪا آهن سنڌ حڪومت صرف ڪراچي کي پئڪيج ڏئي رهي آهي باقي شهرن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي هن وڌيڪ چيو ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪيو وڃي يا ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي ڪراچي کي ڌار صوبو سوچيندڙ کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين سنڌ حڪومت اهڙي مسئلي تي به خاموش بڻيل آهي ان موقعي تي ميان پرويز اڄڻ  ڪامريڊ حفيظ اڄڻ مرتضي شاھاڻي محسن ڀيلار فقير زوالفقار  اڄڻ  ڪامريڊ نديم اڄڻ  سيد بشير شاھ  زاھد حسين شنباڻي سميت ٻيا ڪارڪن گڏ هئا