کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاء حيدرآباد ۾ مارچ مسنگ پرسنس جي آزادي جو مطالبو

حيدرآباد(رپورٽر) وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ، سنڌ سجاڳي فورم ۽ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي جي لاءِ حيدرآباد ۾ اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو ويو، مارچ ۾ شامل سياسي، سماجي ڪارڪنن، شاگردن، عورتن، اديبن، ليکڪن ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻن سميت گم ڪيل ماڻهن جا وارث پڻ موجود هئا، جن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ، بينر ۽ گم ڪيل ماڻهن جون تصويرون کنيل هيون ۽ هو سخت نعريبازي ڪندا رهيا. ان موقعي تي وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوهار ڳالهائيندي چيو ته اسان جو احتجاج کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي لاءِ آهي، اسان مسلسل گم ڪيل ماڻهن جي آزادي جي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون، پر اسان جي پرامن احتجاج جو نوٽيس وٺڻ وڌيڪ ماڻهن کي گم ڪيو وڃي ٿو، اسان جو مطالبو آهي ته گم ڪيل ماڻهن کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪمران ڌر کي هي ملڪ پيارو آهي ته بلوچن، پشتونن ۽ سنڌين کي پنهنجا حق ڏين، پر شايد هو ملڪ کي هلائڻ نٿا چاهين. هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ طرف سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، گم ڪيل ماڻهن ۾ صرف سنڌي ڳالهائيندڙ شامل ناهن پر اردو ڳالهائيندڙ به گم آهن، سنڌ کي ٽڪرا ڪندڙ ان خوش فهمي ۾ نه رهن ته سندن ناپاڪ ارادا پورا ٿي سگهندا، اردو ڳالهائيندڙ ڪنهن جي هٿن ۾ استعمال نه ٿين. ايڇ آر سي پي سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته هن احتجاج ۾ گم ڪيل ماڻهن جون مائرون ۽ ڀينرون هٿن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي روئي پنهنجن پيارن جي واپسي جو مطالبو ڪري رهيون آهن، اميد آهي ته هن احتجاج کي ڏسي ڪري حڪمرانن جي دل تي ڪو اثر ضرور پوندو، هنن مائرن جا پيارا خيريت سان واپس موٽندا. هن چيو ته نوجوانن کي بنا ڪنهن ڏوهه جي کنڀي گم ڪرڻ انساني حقن جي لتاڙ آهي. هن چيو ته ايڇ آر سي پي مطالبو ڪري ٿي ته جبري گم ڪيل ماڻهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. ان موقعي تي نامياري اديب تاج جويو، پروفيسر مشتاق ميراڻي، محب آزاد، گم ڪيل انصاف دايو جي وارث اقصيٰ دايو، سنڌو نواز گهانگهرو، پنهل ساريو، مهيش ڪمار ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سالن کان ڪيترائي نوجوان پرامن سياسي ڪارڪن گم ڪيل آهن، ماڻهن کي بنا ڪنهن ڏوهه ٻڌائڻ جي گم ڪرڻ عالمي انساني حقن واري قانون جي لتاڙ آهي، خود پاڪستان جو آئين ۽ قانون به ان عمل جي اجازت نٿو ڏئي. هنن چيو ته پرامن سياسي جدوجهد ڪرڻ ۽ ڏاڍ خلاف آواز اٿارڻ هر شهري جو آئيني، قانوني ۽ جمهوري حق آهي، ان ڪري ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو عمل انتهائي افسوسناڪ آهي، جيڪڏهن ڪو ڏوهي آهي ته ان کي آئين ۽ قانون موجب گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. مارچ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي.
حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ۾ سانوڻي جي برساتن ورهين جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا, زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جا شعبا تباهه ٿي ويا, ايوان زراعت سنڌ سرڪار کان آبادگارن جي بحالي ۽ ربيع جي مند ۾ ڪڻڪ جي فصل جي پوکي لاءِ هڪ سال بنا وياج جي سنڌ بئنڪ مان قرض ۽ ٻيو امدادي پئڪيج ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاهه سنڌ اندر موجوده برساتي تباهڪارين واري صورتحال تي پنهنجو پريس بيان جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ هلندڙ سال چوماسي جي برساتن هڪ سئو سال جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. سڄي سنڌ ۾ مسلسل برساتن جي ڪري صوبي ۾ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ شعبن کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي. تيار ٿيل فصل برساتي ٻوڏ ۾ ٻڏي وڃڻ ۽ مال مويشي لڙهي وڃڻ سبب سنڌ جا آبادگار تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهن. جن کي هاڻ پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ رليف فراهم ڪرڻ جي تاريخي ذميواري سنڌ سرڪار جي مٿان آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار صوبي ۾ برسات کان علاوه واهن سم نالن ۽ شاخن کي گهارا پوڻ سبب متاثر ٿيل آبادگارن جي بحالي لاء فوري طور تي سنڌ بئنڪ مان هڪ سال بنا وياج جي قرض ڏيڻ جي منظوري ۽ ٻيو امدادي پئڪيج ڏي ته جيئن برساتي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگار پوڻا ٻن مهينن بعد ربيع جي مند ۾ ڪڻڪ جي پوکي لاء وسيلا حاصل ڪري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته موجوده سانوڻي جي برساتن 2011ع کان به وڌيڪ تباهي مچائي آهي. سم نالن, واهن ۽ شاخن کي پيل گهارن جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي ۽ معياري ڪم نه ٿيڻ تي ذميوار ڪرپشن ڪندڙ عملدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ پهريان ئي فوڊ سيڪيورٽي جي بحران پيدا ٿيڻ جو خطرو موجود آهي. 20 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ کوٽ سبب ٻاهران گهرائي پئي وڃي. جڏهن ته هاڻ پوڻا ٻن مهينن بعد 25 آڪٽوبر کان سنڌ ۾ ربيع جي فصلن جي پوکي شروع ٿيندي. ان لاء آبادگارن وٽ ڪي به وسيلا موجود ناهن. ڇو ته آبادگارن وٽ جيڪي ڪجهه جمع پونجي هئي اها انهن خريف جي فصلن تي لڳائي ڇڏي. جيڪا برساتي ٻوڏ ۾ تباهه ٿي لڙهي وئي. هاڻ سنڌ سرڪار جي مٿان اها ذميواري آهي ته اها برسات متاثر آبادگارن کي بنا دير تڪڙو رليف فراهم ڪري. هن چيو ته جيئن سنڌ سرڪار کي وفاقي حڪومت مان ڪوبه آسرو ناهي تيئن سنڌ جي آبادگارن کي به وفاقي سرڪار مان ڪابه مدد جي اميد ناهي. ان ڪري هاڻ سنڌ حڪومت کي پنهنجي وسيلن مان پنهنجي عوام جا اهنج گهٽائڻ لاء عملي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت برسات سبب ٿيل فصلن ۽ مال مويشي جي ٿيل نقصان جي روينيو عملدارن کان سروي ڪرائي سرڪاري وسيلن مان متاثر آبادگارن ۽ مالوندن کي معاوضو ڏنو وڃي. هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي برسات متاثر آبادگارن جي بحالي لاء فوري طور تي هڪ سال لاءِ بنا وياج جي سنڌ بئنڪ مان قرض ڏيڻ جو اعلان ڪيو وڃي ته جيئن آبادگار ربيع جي فصلن جي پوکي ڪري سگهن.