کنڀي گم ڪيل فريد آباد واسي ٻن ڀائرن جي بازيابي لاءِ بک هڙتال

حيدرآباد :- فريد آباد ۽ ڄامشورو مان کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن جي بازيابي لاءِ سندن گهرڀاتين پاران اعلانيل15 ڏينهن واري بک هڙتال ڪالهه به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون جاري رکي.ان موقعي تي مسمات امڙ شرمان خاتون، ڀينرن ناهيد خاصخيلي، صنم خاصخيلي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته امتياز ۽ رياض کي نقاب پوش ماڻهن کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي جن جو ڪو به ڏس پتو ناهي مليو، هنن چيو ته امتياز کي 20 جون جي ڏينهن شورا ڳوٺ ڄامشورو مان ۽ رياض کي 11 جولاءِ جي ڏينهن فريد آباد جي ڳوٺ الله ڏنو تيوڻو مان  گهر مان کنڀي کڻي ويا آهن جيڪي هينئر تائين گم آهن. هن چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس پٽ بيگناهه آهن جيڪڏهن انهن مٿان ڪيس داخل آهي ته کين ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڪيس هلايو وڃي