کنڀي گم ڪيل عاقب چانڊيو سميت قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ پريس ڪلب ڪراچيءَ آڏو احتجاجي ڪئمب لڳائي وئي

ڪراچي:- وائس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ فورم، متاثر خاندانن جي عورتن، سنڌ سجاڳي فورم ۽ سنڌ سڀا جي اڳواڻن جي اڳواڻيءَ ۾ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ عام شھرين جي آزاديءَ لاءِ پريس ڪلب ڪراچيءَ آڏو احتجاجي ڪئمب لڳائي وئي. احتجاج دوران ٻيو ڀيرو گرفتار ڪيل عاقب چانڊيي سان گڏ جبري طور گم ڪيل قومي ۽ سياسي ڪارڪنن ايوب ڪاہڌڙي، انصاف دايي، شاھد جوڻيجي، محفوظ نوتڪاڻي، مرتضيٰ جوڻيجي، اسلم مھيري، مرتضيْ سولنگي، حفيظ پيرزادي، رفيق عمراڻي، شادي خان سومري، سومار ملاح، مسعود شاھ، پٺاڻ خان زھراڻي، مھراڻ ميراڻي، ڊاڪٽر آيت اللہ جروار، ڊاڪٽر فتح محمد کوسي، سھيل رضا ڀٽي، حيدر کوسي، فقير اعجاز ڳاھي، امتياز خاصخيلي، گلشير ٽڳڙ، آڪاش ٽڳڙ، ڪاشف ٽڳڙ، امداد شاھ، جاويد شوري، نسيم بلوچ، شڪيل حيدر سنڌي ۽ ٻين جي آزادي لاءِ سخت نعري ڀازي ڪئي وئي ۽ چيو ويو تہ بيگناھن کي ھڪدم آزاد ڪري متاثر خاندانن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي، سندن ڪو ڏوھ آھي تہ کين عدالتن آڏو پيش ڪيو وڃي. اھو ڪٿان جو انصاف آھي تہ ڏيڍ سال عقوبت خانن ۾ تشدد برداشت ڪرڻ کان پوءِ 19 سالن جو معصوم نوجوان آزاد ٿي، شادي ڪري پنھنجي مامي وٽ ڪراچيءَ علاج ڪرائڻ آيو ھو، تہ اسر ويل گھر تي ڪمانڊو ايڪشن ڪري، سرڪاري ايجنسين جا ماڻھو، ڌاڙيلن وانگر چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري عاقب چانڊيي جي ڀينرن ۽ گھرواريءَ کي رتو رت ڪري، عاقب چانڊيي کي کنڀي کڻي گم ڪيو ويو آھي. سندس ٻُڍڙي ماءُ بيحال آھي ۽ پريس ڪلب تي احتجاج ڪري رھي آھي. وي ايم پي جي اڳواڻن سسئي لوھار، تاج جويي، کنڀي گم ڪيلن جي وارثن مختيار بيگم چانڊيو، شازيہ چانڊيو، فضا چانڊيو، سنڌ سڀا اڳواڻ انعام عباسي، سنڌ سجاڳي فورم مرڪزي اڳواڻن سارنگ جويي، سھڻي جويو، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سورھيہ سنڌي، وارثن بشيران زھراڻي، سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن اڳواڻ لطيف ميمڻ، ياسين جھلڻ، زاھد کوسي، سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن اڳواڻ ھمت ڦلپوٽي،سنڌ سجاڳي فورم ضلعي ڪورنگي اڳواڻ ريجھو مل، صداقت شيخ، تعلقي ڪورنگي اڳواڻ مجاھد شيخ، ذوالفقار پنھور، عبدالرزاق گبول، شاھد سومري، ارشد سومري، روي ڪمار، جسقم اڳواڻ اشفاق ميمڻ، جسم ڪراچي ڊويزن اڳواڻ شوڪت سومري، ھاني بلوچ، عرفان زھراڻي، ارشد سومري، ستار سنڌي، ٻين عالمي انساني حقن جي تنظيمن، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، ھيومن رائيٽس ڪميشن ۽ ٻين انساني حقن جي تنظيمن کان کنڀي گم ڪيل معصوم انسانن جي آزادي جي سلسلي ۾ قدم کڻڻ ۽ انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو.